گاليو

گاليو: هي بتيلي جھڙو ٻيڙيءَ جو هڪ قسم آهي. جيڪو گهڻو ڪري سير تفريح لاءِ استعمال ٿيندو آهي. گاليو ۾ ويھڻ لاءِ تختن جون بئنچون ٺھيل هونديون آھن ۽ ٻيڙيءَ جي تري ۾ غاليچا يا رليون، سوڙون ۽ ٻيا بوڇڻ وڇايا وڃن ٿا. منڇر ۾ گاليي ذريعي هڪ تڙ کان ٻئي تڙ تائين سولائيءَ سان اچ وڃ ڪئي ويندي آهي.


لفظ گاليوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو