
گائوزبان
گائوزبان (ٻوٽو): هي مشھور جابلو ٻوٽو آهي، جنھن کي حڪمت ۽ طب ۾ ڪافي اهميت حاصل آهي. هن ٻوٽي کي عربيءَ ۾ لسان الثور ۽ حمحم ۽ انگريزي ۾ بوريج (Borage) سڏبو آهي. هن ٻوٽي جو تعلق Boraginaceae خاندان سان آهي ۽ نباتاتي نالو Borago officinalis آهي. هن جا پن ساواڻ مائل اڇي رنگ جا ۽ ڳئون جي ڄڀ مثل ٿين ٿا، جنھن ڪري ان کي ڳئون زبان يا گائوزبان جي نالن سان سڏجي ٿو. هن ٻوٽي جو هر جزو دوا طور يا دوائن ۾ مرڪب طور استعمال ۾ اچي ٿو. گائوزبان جا گل، پن ۽ ٽاريون مختلف دوائن ۽ يوناني نسخن ۾ گهڻا استعمال ڪيا وڃن ٿا. هي هڪ طاقتور اينٽي آڪسيڊنٽ آهي، جيڪو جسم مان نقصان ڪار ڪيميائي عنصرن کي ختم ڪندو آهي. هن ۾ ڪاربوهائيڊريٽس، ڪيروٽين، فيٽس (سڻڀ)، فائبر، گلوڪوز، گلٽوز، نمڪيات، مثلاً: فولاد، وٽامن سي، مئگنيشيم، زنڪ، سوڊيم، پوٽاشيم، ڪابالٽ، ڪئلشيم ۽ فاسفورس جهجهي مقدار ۾ شامل هجن ٿا.
هن جي استعمال سان وبائي بخار، نانگ جي ڏنگ/زهر، ڪاري سائي، سِلھه، گلي جي سوزش، هڏين جي تڪليف وغيره ۾ آرام ملندو آهي. رت کي صاف ۽ ڇڊو پڻ ڪندو آهي. هي ٻوٽو خيبرپختونخواهه ۽ آزاد جمون ڪشمير بلوچستان جي ڪوهستاني علائقي کانسواءِ سنڌ ۽ پنجاب ۾ به ٿئي ٿو.