گائنچا ڍنڍ

گائنچا ڍنڍ: هيءَ قديم ڍنڍ ڄامشوري ضلعي جي تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ گائنچا ڳوٺ ڀرسان آهي. هيءَ ڍنڍ آمريءَ واري پراڻ جي ڇڏيل ڪوري آهي. پراڻي دؤر ۾ هيءَ ڍنڍ ’اُونهي ڍنڍ‘ جي نالي سان سڏبي هئي، پر گائنچا ڳوٺ آباد ٿيڻ سبب ان کي گائنچا ڍنڍ سڏيو ويندو آهي. ان ڍنڍ ۾ مڇيءَ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، ڏيھي پکين سان گڏ پرڏيھي پکي پڻ هتي اچي واهيرو ڪندا آھن، جن ۾: نيرڳي، آڙي، ٽٽيھر، ڳنوائي، پيھوڙي، رتبو ۽ سينڍار شامل آھن. هيءَ ڍنڍ ھن وقت فشريز کاتي جي انتظام هيٺ آهي.


لفظ گائنچا ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو