گئو مکي: ھندن جي هي عبادتگاهه تعلقي ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جي سلسلي ۾ ساڙڌري کان ميل کن ڏکڻ طرف ٽڪريءَ ۾ واقع آهي. هتي ٻن ٽڪرين جون چوٽيون پاڻ ۾گڏجن ٿيون، جتان برسات جو پاڻي آبشار جي صورت ۾ ٽيھارو فوٽ مٿانھين کان هيٺ ڪِري ٿو. جبلن جي چوٽين جي گڏجڻ ڪري قدرتي طرح پٿرن مان ڳئون جي شڪل ٺھي پيئي آهي، جنھن جي ٿڻن مان اهو گڏ ٿيل پاڻي سمي سدائين پيو هيٺ وهي. ھندو ماڻهو ھن کي تيرٿ سمجهي زيارت لاءِ ايندا رهندا آھن.