ڪڪڙن جي ويڙهه

ڪڪڙن جي ويڙهه

ڪڪڙن جي ويڙھہ

ڪڪڙن جي ويڙھہ (خفت): سنڌ ۾ ڪڪڙن جي ويڙھہ هڪ روايتي ڳوٺاڻي راند يا خفت آهي. ڪڪڙن جو شوق مھانگو ۽ محنت طلب آهي. شوقين سٺي نسل جا ڪڪڙ مھانگي ملھه تي خريد ڪندا ۽ انھن کي روز صبح جي وقت بادام ۽ پستا کارائيندا آھن، سياري ۾ ڳُڙ ۽ ٻاجهر جا داڻا چوڳي ۾ ڏنا ويندا آھن. ويڙھہ واري ڪڪڙ کي اٽو ڳوھي نہ کارائيندا جو اٽي کائڻ سان ڪڪڙ جو وزن وڌي ٿو ۽ وزني ڪڪڙ ويڙھہ ۾ چڱو ثابت ناھي ٿيندو. عام موسم ۾ ڪڪڙ کي ڪڻڪ جا داڻا کارائيندا آھن پر اھي بہ زمين تي اڇلائي نہ ڏيندا. جيئن چھنب ڀـُري نہ پوي. چھنب ڀرڻ جي صورت ۾ ويڙھہ دوران سامھون واري ڪڪڙ کي چڪ ۾ جهلي ويڙھہ نہ ڪري سگهندو. ان کان سواءِ ڪُڪڙ جي کڙھہ جي خاص سنڀال ڪئي ويندي آھي. ڪڪڙ جي کڙھہ ننڍي ھئڻ جي صورت ۾ خفتي ٻئي ڪڪڙ جي کڙھہ جو کوپو لاھي چاڙھيندا آھن. جڏھن ڪو وڏو ڪُڪڙ مري پوندو آھي يا ڪڪڙ کي ڪھندا آھن تہ ان جون کڙهئون باھہ تي سيڪي لاھيندا آھن ۽ ان کي تيل ھڻي رکندا آھن. جيڪي ويڙھہ دوران ڪُڪڙن جي کڙھہ مٿان مضبوطيءَ سان چاڙھيون وينديون آھن. ڪڪڙ کي مادي ڪڪڙين سان گڏ نہ ڇڏيندا آھن، جو اھڙي حالت ۾ ڪُڪڙ ڪمزور ٿيندو ۽ ويڙھہ ۾ کيس سھڪو ٿي پوندو. ويڙھہ ۾ ڪُڪڙن تي شرط هنيو ويندو آھي. ان لاءِ خفتي تاريخ مقرر ڪري کليل ميدان تي پاڻي ڇٽڪاري سڄي جوءَ جا خفتي سڏائي ملاکڙو ڪرائيندا آھن. ھر ڌر پاران ٽي ٽي ڪڪڙ جوڙ ۾ لاٿا ويندا آھن، جن جي ھار جيت تي ڪاميابيءَ جو اعلان ٿيندو آهي. جڏھن تہ ٻيا وڙهندڙ ڪُڪڙ شملائي سڏيا ويندا آھن. مقابلي ۾ ھڪ امين مقرر ڪندا، جنھن کي ’ريفري‘ سڏيو ويندو آھي. ڪُڪڙن کي پنج منٽ جي ويڙھہ کان پوءِ ريفري ويڙھہ روڪرائي پاڻيءَ جا ڦوھارا ڏياريندو آھي. ڪڪڙ جو مالڪ يا سندس ماهر ماڻهو وات ۾ پاڻي وجهي گرڙيءَ سان ڦوھارو ڏيندو. ڪُڪڙ کي جيڪڏهن کڙھہ جو زخم ھوندو تہ اتي وات وجهي رت چوسيندو، جيئن وڌيڪ رت نہ وھي. ويڙھہ کان اڳ هڪ مھيني تائين گرم سيڪو ڪندا آھن، جيئن ڪُڪڙ جو جسم ۽ کل مضبوط ٿئي ۽ کڙھہ لڳڻ سان رت نہ وهي. ويڙھہ جي ڪُڪڙ کي پَرن مان جهلي وڏيون ڦڙڪون ڏياريندا آھن تہ جيئن ويڙھہ ۾ تيزيءَ سان سامھون واري ڪُڪڙ تي وار ڪري سگهي.


لفظ ڪڪڙن جي ويڙھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو