
ڪڙيون
ڪڙيون (ڳھه): مُريي جي زيور جو هڪ قسم. ڪڙين جا ڪيترا ئي نمونا ٿين، جيڪي چاندي يا چاندي گاڏڙ ڌاتوءَ ۽ جستي مال مان گهڙيون وڃن ٿيون. ڪڙين پائڻ جو رواج سنڌ ۾ گهٽجي ويو آهي. اڳي سنڌ جون مڙيئي ذاتيون ڪڙيون پائينديون هيون. اڄڪلھہ ڪولھي، ڀيل، مينگهواڙ، ڪڇي، راهمان ۽ اڍيجا برادرين ۾ ڪڙيون رڳو پوڙهيون پڪيون پائين. ڪڙين جا پنج قسم ٿين ٿا: (1) ڀوريون ڪڙيون، (2) پينيون ڪڙيون، (3) مُک واريون ڪڙيون، (4) ڪاڍلا، (5) چاٻيءَ واريون ڪڙيون.