ڪڍڻ شھر

ڪڍڻ (شھر) ڪڍڻ بدين ضلعي جو قديم تاريخي شھر آھي، جيڪو موجودہ بدين شھر کان 24 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف بدين-علي بندر روڊ تي سنڌ جو ڏاکڻو آخري ڇيڙي وارو شھر آھي. هي شھر ڪيترا ئي ڀيرا ڦٽي برباد ٿي وري آباد ٿيندو رهيو آھي. هن شھر جي نالي بابت روايتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ موجودہ نالو ’ڪڍڻ‘ ڪنھن ٻئي نالي جي بگڙيل صورت آھي. ڪڍڻ جو قديم شھر گم ٿيل درياھہ ساڱري جي اُڀرندي ڪنڌيءَ تي آباد هو. اهو شھر موجودہ مُک ڏاکڻي بازار ڪڍڻ - علي بندر روڊ جي اُڀرندي پاسي واري مٽيءَ جي وڏي دڙي ۾ دفن آھي، جنھن دڙي تي هن وقت پڪا گهر اڏيل آھن. شھر جو وڻج واپار خاص طور واڻين واپارين جي هٿ هيٺ هو.ڪڍڻ جو هي شھر قديم زماني کان ملتان کان ڪڇ ڀُڄ تائين ويندڙ قديم ’شاھراھہ‘ (وڏي واٽ) تي آباد هو، جنھن تي بديڻ (بدين)، لنواري شريف ۽ ڏکڻ طرف رڻ ڪڇ جي ڪنڌيءَ لڳ قديم درياھ پُراڻ جي پٽن تي علي بندر، سنڌڙي بندر، رحمڪي بازار ۽ وڳھه ڪوٽ جا تاريخي بندرگاهي وسندڙ شھر آباد هئا. اُن زماني ۾ قديم درياھہ پُراڻ، ساڱري، ريڻ، پٽيھل، ڳِٺو ڍورو ۽ گونگڙي درياھہ جون مست ڇوليون ۽ موجون هيون، جنھن ڪري هي سڄو ڏاکڻو قديم ڊيلٽائي خطو جنھن کي درياھن جو ديس پڻ چيو ويندو هو، اهو انتھائي زرخيز سرسبز ۽ شاداب هو.
وڏي دڙي ۾ دفن ٿيل ڪڍڻ جي قديم شھر کان پوءِ ٻيو پراڻو شھر جيڪو موجودہ صحت مرڪز ڪڍڻ ۽ راڄواھہ جي پراڻي ڀڏي کان ڏکڻ اولھه طرف ۽ سرڪاري اسپتال کان ڏاکڻي پاسي واري قبرستان جي ڀيڻين تي آباد هو.جتان اُن دڙي مان جيڪا هڪ قديم مسجد ملي آھي، ان لاءِ محقق محمد سومار شيخ جو چوڻ آھي ته، اها مسجد اٽڪل 800 سالن کان بہ وڌيڪ قديم آھي. جڏھن تہ پڪي روڊ کان اوڀر طرف واري دڙي ۾ دفن ٿيل ڪڍڻ شھر اُن کان بہ گهڻو آڳاٽو ٻڌايو وڃي ٿو. هن شھر جي پڪي روڊ کان اولھه طرف واري پراڻي ڦٽل بازار جا اٽڪل سمورا دڪان ۽ گهر جيڪي سڀ گهڻو ڪري ڪچا گنب مٽي جا اوڏ پورهيتن جا ٺھيل هئا، اهي سڀئي گهر ۽ دڪان 7 سيپٽمبر 1970ع واري برساتي ٻوڏ ۾ مڪمل طور تي ڊھي پٽ ٿي ويا. شھر جي تباھہ ٿي ويل اُن بازار جا اڏيندڙ اوڏ پورهيت هئا،جيڪي پراڻي کاڻ جي ڏاکڻي طرف ويٺل ھُئا ۽ انهن اوڏن بابت اها پڻ ھڪ روايت آھي تہ جسما اوڏڻ جو تعلق ڪڍڻ شھر جي انهن ئي اوڏ پورهيتن سان هو. جسما ۽ لاکي ڦلاڻي جو لوڪ داستان مشھور آھي. آڳاٽي زماني کان هن شھر جو ديسي گيھه ۽ چمڙي مان ٺھيل شيون خاص ڪري مضبوط رسا جن کي ’ڪُڍ‘ چيو ويندو هو، مشھور رهيا. زراعت جي لحاظ کان بہ هي علائقو گهڻو مشھور آهي.
ٽائون ڪميٽي ڪڍڻ جي آبادي 2017ع جي آدمشماري مطابق 10 هزار آھي. مشھور شاعر، اديب ۽ محقق شمشيرالحيدري جو جنم بہ ڪڍڻ شھر ۾ ٿيو آهي.


لفظ ڪڍڻ شھرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو