ڪڇو بُٺي

ڪڇو بُٺي (ماڳ): هي ماڳ سيوهڻ کان ڪراچيءَ ويندڙ رستي تي ”پوکڻ لانڍيءَ نالي ماڳ کان ڏيڍ ڪلوميٽر کن ڏکڻ اوڀر ۾ ڏاڦڙو نئن جي ويجهو، ڌاتو پاهڻي دؤر جو آهي. هن بُٺيءَ کي ’ڪڇو بُٺي‘ ڪري ڪوٺين ٿا. هتي هڪ هنڌ پٿر مان ٺھيل ڀتين جي پيڙهين جا نشان آهن. هتي معمولي ٺڪراٺي سان گڏ پٿر جا پتا بہ ملن ٿا.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو