ڪٻر

ڪٻر

ڪٻر

ڪٻر (پکي): 23 سينٽي ميٽر (9 انچ) جسامت واري هن پکيءَ کي انگريزيءَ ۾ (Common Myna) چيو ويندو آهي. ڪٻر پکيءَ جا نر مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. هي پکي گهڻو ڪري وڻڪاري ۽ هيٺانھن علائقن ۾ رهي ٿو. رنگ جو چمڪدار ناسي آهي. مُنڍي، ان پکيءَ جا پُڇ ۽ پرن جا پاسڙا ڪارسرا گهرا ناسي هوندا آهن. پَرن جي وچ تي اڇو ٽِڪو ٿيندو اٿس، جيڪو اڏامڻ مھل صاف نظر ايندو آهي. چهنب هيڊي ۽ اک جي پويان سھڻو هيڊو نشان ۽ ٽنگون ۽ پير بہ هيڊا هوندا اٿس. پير ۽ چنبا پنڌ لاءِ مضبوط ٿين ٿا ۽ پُڇ ڪي قدر ننڍو هوندو آهي. ڪٻر مقامي پکي آهي ۽ لڏپلاڻ ڪو نہ ڪندو آهي. اڪثر انساني آبادين جي ويجهو رهندو آهي ۽ عام طور بيخوف آهي. ميوا، ٻج، جيت، ڪينئان ۽ گهريلو اوبر کائيندو آهي. هي پکي صبح ۾ هڪ هنڌ ولر ڪري جمع ٿيندا آهن ۽ زور زور سان ٽِيڪو ڪندا آهن. ڪن هنڌن تي ڪٻر کي ’لالي‘ بہ چوندا آهن. ڪٻر اڪثر ڦٽل کوهن، وڻ جي پور يا ڦٽل عمارتن ۾ ڪکن پنن سان پيالي نما آکيرو ٺاهي ٿي. ڪٻر ڏکڻ ايشيا، افغانستان، ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا وغيرہ ۾ ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو