
ڪَچو قلعو
ڪَچو قلعو: هي قلعو حيدرآباد ۾ پڪي قلعي کان ڏکڻ - اولھه طرف هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي، ننڍي پھاڙيءَ مٿان آهي. ٽڪنڊي شڪل جي هن قلعي جون ڀتيون ڪچين سرن سان ٺھيل آهن، جن جي هيٺان ڪجهہ فوٽن تائين پڪين سرن جا بنياد آهن. ڪچيون سرون زماني جي ڇيڙ ڇاڙ، مينھن ۽ هوا جي حملن ڪري ڪافي زبون ٿي چڪيون آهن ۽ منجهن گهارا پئجي ويا آهن. قلعي کي اڌ گول جي شڪل جا نَوَ کن برج آهن، جن جي مٿان اوٽ وارو ڪٽھڙو، جيڪو ڪنھن وقت موجود هو، پر هاڻي ختم ٿي ويو آهي. قلعي جا ڪنگرا بہ ڪري چڪا آهن. قلعي ۾ پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ پڪين سرن جون ناليون ۽ ٺھيل موريون آهن. ڏکڻ ۾ ٻہ دروازا آهن، جن ۾ هڪ مکيہ دروازو آهي ۽ ٻيو مڪي شاھہ جي مزار ۾ داخل ٿئي ٿو. ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي ڏاڪا آهن. مکيہ دروازي کي ٻين قلعن وانگر ڪا بہ اَڙَ يا رڪاوٽ نہ آهي. چون ٿا تہ ڪوٽ کي هڪ چور دروازو بہ هو. قلعي اندر شاھہ مڪيءَ جي مزار آهي. جيڪا اندران جيئپور جي سنگ مرمر جي ٺھيل آهي، قلعي اندر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جون ڪجهہ قبرون آهن. شاھہ مڪيءَ جي مزار جي سامھون واري ڀت تي اڪريل شعر هن طرح آهي:
بجستم زدل سال تعمير حور
بگفتار خرد ’زيب بزم حضور‘
آخري مصرعي جي ٽن لفظن مان ابجد جي حساب سان قلعي جي تعمير جو سال 1082ھہ/1671ع نڪري ٿو.
مرزا قليچ بيگ لکيو آهي: ”1772ع ۾ حيدرآباد جي قلعي جي ڏکڻ اولھه ۾ دڙي تي هڪ ڪچي قلعي جو بنياد رکيو ويو تہ جيئن وڏي قلعي جي حفاظت لاءِ چوڪيءَ جو ڪم ڏئي سگهي. هن دڙي تي بزرگ محمد شاھہ مڪيءَ جي تُربت جي آسپاس هڪ وڏو قبرستان هو، جتي ڪيتريون ئي قبرون قلعي ٺھرائڻ جي خيال کان ڊهرايون ويون.“