
ڪَٺل
ڪَٺل (ميوو): هي ڏکڻ هندستان جو مشھور ميوو آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ Jack Fruit ۽ نباتاتي زبان ۾ Artocapus integrifolia جي نالن سان سڏجي ٿو. هن ميوي جو تعلق Urticacea خاندان سان آهي. هن ميوي جي شروعات ننڍي کنڊ کان ٿي. هڪ اندازي مطابق لڳ ڀڳ سترهين صدي عيسويءَ کان هن ميوي جي پوک برازيل، برما، ملايا، هندستان ۽ پاڪستان ۾ بہ ٿيندي پئي اچي. هيءُ وڻ ڇانو وارو ۽ سدا بھار آهي، جيڪو 50 فوٽ تائين بہ ڊگهو ٿئي ٿو. ميوو، وڻ جي ٿڙ تي ئي ٿئي ٿو. ميوي جي شڪل بيضوي، کل اوجهري وانگر (ناهموار/کھري)، ميوو، جسامت ۾ ٻہ فوٽ ڊگهو ۽ وزنائتو ٿئي ٿو. ڪچي ميوي جو استعمال ڀاڄيءَ طور ڪثرت سان ٿئي ٿو، جڏهن تہ پچڻ کان پوءِ ميوي طور کائجي ٿو. هن جي ميوي مان شربت پڻ تيار ڪيو ويندو آهي. هن جي وڻ جو ڪاٺ فرنيچر ٺاهڻ ۾ ڪتب اچي ٿو ۽ هي وڻ باغن جي ٻاهران، هوا کان روڪ طور بہ لڳايو وڃي ٿو. هن جي پوک گهميل علائقن ۽ خشڪ آبھوا وارن علائقن ۾ جتي آبپاشيءَ جو مناسب انتظام هجي، اتي آساني سان ٿيندي آهي. هن ميوي جي پوک لاءِ پاڻيءَ جي گهڻي گهرج پوي ٿي، جيئن پوسل کي گهڻو وقت برقرار رکي سگهجي، ڇو تہ وڻ جي پاڙ ۾ تاندورا ڪونه ٿين، جن وسيلي، غذائي جزا پاڻيءَ ذريعي حاصل ڪجن ٿا.
سنڌ ۾ هن وڻ جا باغ لڳايا ڪونه ويندا هئا. هي وڻ مختلف باغن ۾ پٽڙين سان يا پاڻيءَ جي نالين جي ڪپ تي، قطارن ۾ لڳايا ويندا هئا پر هاڻي هن جا باغ بہ ڪيا وڃن ٿا. ڪٺل جي نسلي واڌ ويجهہ عام طرح سان ٻج وسيلي ڪجي ٿي، پر پاڙ وارا قلم بہ لڳايا وڃن ٿا. ڪٺل جي هڪ ميوي مان لڳ ڀڳ 80 کان 120 ٻج حاصل ٿين ٿا ۽ تازا ٻج لڳائڻ سان ٽن کان ڇھن هفتن اندر ٻج ڦٽي پون ٿا. هي وڻ، جنوريءَ جي شروعات ۾ گل جهلين ٿا، جڏهن تہ ميوو جون- جولاءِ ۾ ملي ٿو. نر گلن جا جُزا مادي گلن تائين، هوا وسيلي پھچن ٿا، پر اهو عمل هٿ سان ڪرڻ جي صورت ۾ ڦر جهلڻ واري مادي گلن جي تعداد ۾ واڌ ٿئي ٿي ۽ ميوي جو وزن بہ وڌي ٿو.