ڪَنٺِي

ڪَنٺِي (ڳھه): هي ڳچيءَ ۾ پائڻ جو هڪ ڳھه آهي. جنھن کي سنسڪرت ۾ ڪَنٺُ چئبو آهي. وچ ۾ سون يا چانديءَ جي کارڪ جي شڪل ۽ پاسن کان مـُڪي جي ٻنڌن سان يا مڻين جي پوڄ سان سھڻو پٽو هوندو آهي ۽ پائڻ مھل کارڪ نڙگهٽ وٽ بيھاري پٽي جا ڇيڙا ڪنڌ تي ڇڪي ٻڌبا آهن. هن کي ڪنڍي بہ چوندا آهن. سنڌ جي هندو ذاتين، خاص ڪري ڪولهين ۽ ميگهواڙن ۾ ڪنٺي عام پاتي ويندي آهي پر مسلمان ذاتين ۾ ڪنٺي پاڻڻ جو رواج گهٽ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو