ڪَتريا (ڳھه): هي ٻانھن ۾ پائڻ جي زيور (ڳھه) جو هڪ قسم آهي. ڪتريا گهڻو ڪري نج چانديءَ مان گهڙيا ويندا آهن، البت ڪٿي ڪٿي رائي مال جا ڪتريا پڻ موجود آهن. ڪترين جو وزن وڌ کان وڌ 15 تولا ٿيندو آهي. هي ٺونٺ وٽ بازو بند جي جاءِ تي استعمال ٿيندا آهن. گهڙاوت ۾ گجرين جھڙا پورا ۽ انهن سان ملندڙ جلندڙ آهن. سنڌ ۾ سماٽ، سومرا، ماڇي، مھاڻا، ڪنڀر، ڪوري ۽ راجپوت ۽ ٻيا قبيلا بہ پائين، پر خاص ڪري هندو ذاتيون پائينديون هيون. ڪتريا ٿر ۾ گهڻو استعمال ٿين ٿا. ڪتريا پائيندڙ عورتون ٻانھن ۾ هڪ ٻيو چاندي جو ڳھه اڪثر طور پائينديون آهن، جنھن کي ’ٻلھيا‘ سڏيو ويندو آهي، ٻلھيا ٻانھين جي مٿئين پاسي هوندا آهن، ٻلھيا رامبس نموني چاندي جا هوندا آهن. ’ڪتريا‘ ۽ ’ٻلھيا‘ چوڙيلڻ‘ جي ٻانھن جي سونھن سمجهيو ويندو آهي.