ڪَارايل (شاھہ جو سُر): شاھہ لطيف جي رسالي جو هيءُ سُر ڪارايل، هَنج پکي ۽ ڪاري اصيل نانگ جي روايتي خوبين جي تمثيل سان اعليٰ اخلاقي قدرن تي مشتمل آهي. سُر ڪارايل رسالي جي ننڍن سُرن ۾ شمار ٿئي ٿو. لفظ ’ڪارايل‘ جي معنيٰ بابت محققن جا مختلف رايا آهن. غلام محمد شاهواڻيءَ ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ’ڪارايل‘ جي معنيٰ: ’مور‘ يا ’هنج‘ ڄاڻائي آهي.
مُحقق مولانا دين محمد وفائي، پنھنجي ڪتاب ’شاھہ جي رسالي جو مطالعو‘ ۾ لکي ٿو تہ: مور کي ’ڪارايل‘ بہ چوندا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ترتيب ڏنل شاھہ جي رسالي جلد ٽئين ۾ لکي ٿو ته، ”ڪارايل مان مراد ‘ڪارو هنج’ آهي.“ ڊاڪٽر بلوچ جي ڏنل معنيٰ سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي بہ اتفاق ڏيکاريو آهي. هڪ لوڪ روايت موجب سما دؤر جي هڪ سورهيه ڪردار ڪارائڙي سمي کي بہ پيار مان ڪارايل سڏيو ويندو هو. ڪارائڙي سمي کي سندس مخالفن جڏهن هڪ سازش تحت ماري سر وڍي گهر موڪليو تہ سندس ڀيڻ ڪارائڙي سمي جو سر پينگهي ۾ لوڏيندي پار ڪڍيا:
ڪارايل جي ڪوڏ، مون ننگر سڀ نھاريا،
پينگهي پائي لوڏ، سر سمي ڄام جو.
رسالي ۾ ’ڪارايل جي ڪوڏ‘ جي تذڪري وارو بيت هن ريت ملي ٿو:
ڪارايل جي ڪوڏ، مون ڪينجهر سڀ نھاريو
وري واهيري نہ وريا، للا لاکيڻي لوڏ،
هنئين جن سين هوڏ، سي هنجڙا سڀ هلي ويا.
(سُر ڪارايل- ص 691، ’شاھہ جو رسالو‘- ترتيب محمد عثمان ڏيپلائي)
سُر ڪارايل ۾ شاھہ لطيف، نانگن مان ڪاري واسينگ ۽ کپر جي ڳڻن، اوڳڻن ۽ پکين مان هنج، مور، ڪُھنگ ۽ ڪانئيري جي کاڌ خوراڪ، عادتن ۽ خصلتن کي پنھنجي ڏانءَ سان بيان ڪري، هڪ طرف فطرت جي مشاهدي کي سامھون آندو آهي تہ ٻئي پاسي ظاهر ڪيو آهي تہ انسان جيڪڏهن فقط اکين سان دنيا جي تخليق کي ڏسي ۽ پرکي تہ علم ۽ عرفان جا اڻ کٽ سلسلا سندس ڄاڻ کي وڌائي سگهن ٿا.
سُر ڪارايل ۾ شاھہ لطيف مخصوص پکين ۽ جيتن جڻين جي خصلتن ذريعي فڪر انگيز ڳالهيون ۽ جيئڻ جي اعليٰ مقصد جي وضاحت ڪئي آهي. ان کان سواءِ حقيقت ۽ سلوڪ جون رمزون ۽ راز بيان ڪندي سچي سالڪ جي ’هنج‘ سان ڀيٽ ڪئي آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ عام رواجي ماڻھن کي ڍنڍ جي ’ڪانئيرن‘ سان تشبيھه ڏني آهي.
سنگيت جي حوالي سان سُر ڪارايل جو آلاپ، سنڌ جي مقامي راڳن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، ائين چئجي تہ هي سنڌ جو پنھنجو نغمو آهي، جنھن کي هتان جي مقامي ماڻھن ڳايو، جيڪو پوءِ شاھہ جي راڳ جو جُز بڻيو. غلام محمد شاهواڻيءَ جي ترتيب ڏنل ’شاھہ جي رسالي‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”ڪارايل نالي ڪا بہ هندستاني راڳڻي نہ آهي.“ هن سُر تي نالو مضمون موجب رکيل ٿو ڏسجي، پر مرزا قليچ بيگ جي ’لغات لطيفي‘ ۾ ’ڪارايل‘ نالي هڪ راڳڻي بہ ڄاڻائي وئي آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سُر ڪارايل جي راڳ جي وضاحت پيش ڪندي لکي ٿو ته، ”جڏهن هندستاني موسيقيءَ جي راڳن سان ڀيٽيو ويو تہ ائين معلوم ٿيو ته، سُر ڪارايل ڄڻ هندستاني موسيقيءَ جي راڳ ’جلڌر ڪِدارا‘ سان ملي ٿو.“ ٻين جي ڀيٽ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو ويو آهي ته، ”لاڙ ۾ بلاول راڳ جي آلاپ جو وڌيڪ اثر آهي ۽ ’جلڌر ڪدارا‘ بہ بلاول ٺاٺ جو کاڊو قسم آهي، جنھن جي آروهي ۽ امروهيءَ ۾ گنڌار جو سُر نہ ٿو لڳي، وادي سُر مڌم ۽ سموادي سُر کرج آهي.“
سُـر ڪـارايـل جـا ٻہ داستان آهن، جنھن ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد مختلف آهي.
هنجن سين هيڪار، جي ڳُڻ ڪري نھارئين،
تہ ٻگهن سين ٻيھار، ٻيلھه نہ ٻڌين ڪڏهين!
-
ڪنورَ پاڙون پاتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس،
ٻنھي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنھن عشق کي شاباس،جنھن محبتي ميڙيا!