
ڪي. ٽي. اين (چئنل)
ڪي. ٽي. اين: هن چينل کي پاڪستان جي پھرئين سنڌي چينل هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن چينل جو بنياد آڪٽوبر 2002ع ۾ ڪاوش پبليڪيشن (اخبار) جي باني خاندان رکيو. ابتدائي دور ۾ ڪاوش ٽيليويزن جي نشريات جو آغاز ڇھن ڪلاڪن جي محدود وقت لاءِ ڪيو ويو، پر پوءِ چينل جي وڌندڙ مقبوليت سبب وقت وڌائي 24 ڪلاڪ ڪيو ويو. ڪي. ٽي. اين، واحد سنڌي چينل جي حيثيت ۾ نه صرف سنڌ پر ڏور ڏيھن ۾ ڏٺو وڃي ٿو. هن وقت ڪاوش گروپ جا ٽي چينل ڪي. ٽي. اين (KTN)، ڪي. ٽي. اين نيوز (KTN News) ۽ ’ڪشش‘ ٽي وي ڪم ڪري رهيا آهن. هن وقت هن ميڊيا گروپ جو CEO اطھر قاضي آهي.