ڪيھرشوڪت

ڪيھرشوڪت

ڪيھرشوڪت

ڪيھرشوڪت: ڪيھر شوڪت ولد غلام عباس ڪيھر 2 فيبروري 1951ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ ۾ ڄائو. هن ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ڪراچي يونيورسٽيءَ مان، ايل.ايل.بي، ايس. ايم ڪاليج مان ۽ ايم.اي (سنڌي ادب) 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هن نوڪريءَ جي شروعات سنڌي استاد طور ڪئي، پر پوءِ تُرت نوڪري ڇڏي، وڪالت شروع ڪيائين. 1990ع ۾ صوبائي قانون کاتي ۾ سرڪاري وڪيل ۽ 1998ع ۾ ڊپٽي اٽارني مقرر ٿيو. ڪيھر شوڪت ستر واري ڏهاڪي ۾ لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي، جنھن کان پوءِ سندس لاڙو ڪھاڻين لکڻ ڏانھن ٿيو. شاعري ۽ ڪھاڻين کانسواءِ هن سنڌي ۽ اردو ڊراما به لکيا. سندس يادگار ڊرامن ۾ ’انتھا‘، ’درد مندون ڪا ديس‘، ’سج گرهڻ‘، ’اڪيلو ماڻهو‘ وغيره شامل آهن. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ’پُل تي ويٺل هڪ نوجوان‘ ڇپيل آهي. ڪيھر شوڪت 24 اپريل 1999ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.02.02  عيسوي

ڪيھرشوڪت ولد غلام عباس ڪيھر 2 فيبروري 1951ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ ۾ ڄائو.


1999.04.24  عيسوي

ڪيھر شوڪت 24 اپريل 1999ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رنگيلو
شنبو امير
ڄام ڪرن
ساجده جبين
خانبهادر رسول بخش خان مغل
پنا لال بي ڪشوراڻي
عبدالعزيز ٻرڙو انجنيئر
ڄام کنگهار (ٻيو)
ڪامل خان جمالي
ڀائي ولايت راءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون