ڪيھرشوڪت

ڪيھرشوڪت

ڪيھرشوڪت

ڪيھرشوڪت: ڪيھر شوڪت ولد غلام عباس ڪيھر 2 فيبروري 1951ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ ۾ ڄائو. هن ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ڪراچي يونيورسٽيءَ مان، ايل.ايل.بي، ايس. ايم ڪاليج مان ۽ ايم.اي (سنڌي ادب) 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هن نوڪريءَ جي شروعات سنڌي استاد طور ڪئي، پر پوءِ تُرت نوڪري ڇڏي، وڪالت شروع ڪيائين. 1990ع ۾ صوبائي قانون کاتي ۾ سرڪاري وڪيل ۽ 1998ع ۾ ڊپٽي اٽارني مقرر ٿيو. ڪيھر شوڪت ستر واري ڏهاڪي ۾ لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي، جنھن کان پوءِ سندس لاڙو ڪھاڻين لکڻ ڏانھن ٿيو. شاعري ۽ ڪھاڻين کانسواءِ هن سنڌي ۽ اردو ڊراما به لکيا. سندس يادگار ڊرامن ۾ ’انتھا‘، ’درد مندون ڪا ديس‘، ’سج گرهڻ‘، ’اڪيلو ماڻهو‘ وغيره شامل آهن. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ’پُل تي ويٺل هڪ نوجوان‘ ڇپيل آهي. ڪيھر شوڪت 24 اپريل 1999ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.02.02  عيسوي

ڪيھرشوڪت ولد غلام عباس ڪيھر 2 فيبروري 1951ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ ۾ ڄائو.


1999.04.24  عيسوي

ڪيھر شوڪت 24 اپريل 1999ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب احمد شيخ
امام بخش خان مير
سنتوش ڪمار
جيلاني سيد شيراز شاھہ
ٽيپو سلطان
پير مراد شيرازي
ڊاڪٽر رجب ميمڻ
فقير رسول بخش انڙ 1
ستئونداس حڪيم
ادا قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون