ڪيٽين جو ڪوٽ

ڪيٽين جو ڪوٽ: هي ماڻڪاڻي ميرن جو ٺھرايل قلعو هو، جيڪو هاڻي زَبون ٿي پٽ پئجي چڪو آهي. هي تاريخي ڪوٽ شادي لارج کان 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ واقع آهي. هتي ٻه ڪوٽ آهن، هڪ کي وڏو ڪوٽ، جنھن ۾ مير صاحب پنھنجي حرم سان رهندا هئا، ٻيو ننڍو ڪوٽ هو، جنھن ۾ امير امراءَ ۽ فوج رهندي هئي. وڏي ڪوٽ جا نشان موجود آهن، حرم سراءِ جي رهڻ سبب پھرئين ڪوٽ کي وڏو ۽ ٻئي کي ننڍو ڪوٽ سڏيو ويندو هو. اولھه اتر ۾ لنگهه هو، ڪوٽ اندر هن وقت به چئن پڪين جاين جا نشان موجود آهن، قلعي جي ڪنڊن تي برج ٺھيل هئا. اوڀر ۾ اڌ ميل پنڌ تي ڪيٽين جي شھر جا آثار پڻ موجود آهن. هي ڪوٽ ميرپور خاص شھر اڏجڻ ۽ ميرن جو تخت گاهه تبديلٿيڻ سبب تباهه ٿيو، پر اهي مير 1783ع کان 1806ع تائين هتي ئي رهيا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو