ڪينر يا ڪينرو (ساز): هيءُ ساز سنڌ جي قديم ثقافت کي اُجاگر ڪري ٿو. ايشيا ۾ علم موسيقيءَ جا ٻه پرڪاش آهن، جن مان هڪ هند پرڪاش ۽ ٻيو سنڌ پرڪاش سڏجن ٿا. راجسٿانٿر پرڪاش، هند پرڪاش جي مختلف تالن ۽ راڳ جي شڪلين سان گڏوگڏ مختلف ساز جنم وٺي بناوت جي روپ ۾ پيش ٿي چُڪا آهن. هِن ساز جو تعلق قديم سنڌ جي ثقافت سان آهي. هِن ساز جو ذڪر شاهه عبداللطيفڀٽائي رحه سُر سورٺ ۾ ڪيو آهي، جنھن ڪري هن ساز جي خاص طبيعت ۽ اهميت رهي.
لفظ ڪينر يا ڪينرو جو لاڳاپو قديم تار واري ساز سان آهي. انگريزي ۾ لکيل لفظKinura يا Kinnor ڪنور عبراني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جو هڪ تار واري ساز لاءِ بائيبل ((Gen, iv, zi ۾ آيوآهي. جرمني ۾ هِن لفظ جي معنيٰ Harp کنيل آهي. جديد عبراني وارن هن کي وائلن (Violin) جي معنيٰ ۾ ورتو آهي. هنساز جي ماهرن جي راءِ آهي ته سامي ماڻهن جو Kithara ساز هڪ يوناني Kinnor وڄائيندو هو. هونئن ڪينر ساز جا ڪيترا ئي نمونا ملن ٿا جن ۾ ڌار ڌار تارن جو تعداد ڪتب آيل آهي. هِن ساز ۾ 10 يا 12 تارون ملن ٿيون. يھودي ساز جي تاريخ ۾ گڙٻڙ تڏهن ٿي جڏهن 70 عيسوي صدي ۾ رومين ڪيروسلم (يروشلم) جي معبد کي وسھن اچي ڏني. Genesis جي پھرئين باب ۾ ٻڌايل آهي ته ابتدا ۾ جبال (Jubal) نالي شخص، حضرت آدم عليه السلام جي فرزند قابيل جي پوين مانوڏو موسيقار ۽ ڪيترن ئي سازن جو موجد هو. ڪن ماهرنجو خيال آهي ته Kinnor نالو فنيقي آهي. پر اِهو تڏهن ٿي سگهي ٿو. جڏهن اِن کي جبال جي انهيءَ ايجاد لاءِ ڪنھن پوئين دور جو سمجهيو وڃي. Phoenicia ۾ اڃا ايڏي ترقي نه ٿي هئي ۽ نه وري ڪي وڏا شھر ٿيا هئا، اُن وقت Kinnor هڪ سادڙو ساز هو. اُن جون تارون آوازي کوکي جي مٿئين پاسي تي سامھون لڳل هڪ ڏنڊيءَ ۾ (جا ڌاتو جي هئي) ٻڌل هيون ۽ جوڙجڪ مصري Harp کان مختلف هئي ۽ ان جي وڄت به سادي هئي. هڪ ٻئي خيال موجب Kinnor اصل ۾ Iyre آهي. Iyre به Harp کان سادو ساز آهي. ٻيو هڪ ساز جنھن جو ذڪر بائيبل جي انگريزي لکت ۾ Pslaltery آهي، تنھن جي شڪل بابت پورو پتو ناهي، پر خيال آهي ته اِن جو آوازي کوکو چوڪور هو، جيڪو ڪنھن حد تائين Harp جو هڪ قسم هو. ان کانسواءِ بائيبل ۾ هڪ ٻئي ساز جو نالو به Kinnor کان پوءِ آيو آهي. اُن جو نالو آهي Nabel، جنهن جو لاڳاپو لساني مماثلت جي ڪري فنيقي لفظ Nebel سان سمجهه ۾ اچي ٿو. اهو ساز مصر جي ڪيٽِي واري علائقي جي ٽڪنڊي هارپ جھڙو هو ۽ سمجهجي ٿو ته اِن مان عربي Qanun ۾ وري ان مان سنتور يا سنتير يا سٽير مان ساز نڪتا هوندا. سازن جي انهي اپٽار ۾ اٽڪل (15) سازن جا نالا Chardo Phone واري زمري ۾ اچن ٿا، جھڙوڪ: David’s Kinureharp يا Kinnor Neginoth Lute, Nebel, Gittit, Qutras, Susan, Asore, Iyre, Minnim, Shemineth, Pesanter, Zither, Sabhah. بھرحال ڪُماچ سرندي ۽ سارنگيءَ سان ملندڙ جلندڙ ساز آهي ۽ هِن وقت ڌرتيءَ جي گولي تي انهيءَ ساز جا وڄتڪار رڳو هند واري رياست جيسلمير، راجسٿان ۾ موجود آهن.