ڪيسريا بالما (لوڪ گيت): ٿر جو هيءُ مقبول لوڪ گيت ڪيسريا بالما سنڌ ۽ هند ۾ مشھور آهي. هي محبت ۽ فراق جو گيت آهي، جيڪو نامور گوين کان وٺي لوڪ ڳائڻن تائين محبت سان ڳايو ويو آهي. هن لوڪ گيت جي هر مصرع کان اڳ لوڪ دوهن ۽ ڇند سان گڏ مختلف شاعرن جا فراق وارا شعر به ڳاتا ويندا آهن. لفظ ’ڪيسريو‘ جون ڌار ڌار ٻه معنائون آهن. هڪ ته پٽڪي جو هڪ قسم ’ڪيسريو‘ آهي. ٻيو خيال آهي ته هي لفظ ’ڪيسر‘ مان نڪتل آهي. پر متفق راءِ آهي ته ڪيسريو پٽڪي جي قسم مان ورتل آهي. هڪ راءِ مطابق ڪيسريا لوڪ گيت جو بنياد راجپوتن جي رسم ’ساڪا‘ آهي، راجپوت عورتن جي باهه ۾ ٽپي پوڻ واري رسم کي ’جوهر‘ جي رسم چوندا هئا. راجپوت عورتن جي رک مٿي تي لڳائي، ڪيسري/زعفراني رنگ جو لباس پائي دشمن جي پٺيان پئي آخري وقت تائين وڙهي مرڻ جي رسم کي ’ڪيسريا‘ چوندا هئا. جوهر ۽ ڪيسريا جو امتزاج ساڪا سڏبو هو. جوهر جي رسم عام طور رات جو ٿيندي هئي. عورتون پنھنجي شاديءَ جا وڳا پائي اها رسم ادا ڪنديون هيون. ان موقعي تي برهمڻ پوڄاري ويد جا منتر پڙهندا هئا، بھادر راجپوتن جو جنگ جي ميدان ۾ وڙهي مرڻ عزت جو اعليٰ درجو مڃيو ويندو هو. ڀٽ، چارڻ ۽ منگتا پنھنجن رزميه گيتن ۾ کين ساراهيندا هئا. عام ماڻهن انھن لاءِ ڪيسريا بالم گيت ڳاتو آهي، ڪن محققن جو رايو آهي ته هي لوڪ گيت ٿر جي مقبول داستان ڍولا ماروءَ سان وابسته آهي. بالم جو مطلب پيارو يا محبوب آهي ۽ ڪيسريا، زعفراني، نارنگي، گيڙو ۽ زعفران کي چون ٿا. هن لوڪ گيت ۾ گوريءَ بالم ڪيسريا جي تشبيھه سان منفرد لڳندو آهي ۽ ڪامني پنھنجي ڪيسري رنگ جي محبوب جي رنگ ۾ رڱجي ويندي آهي. هن گيت جون ٿوري گهڻي تبديليءَ سان مختلف روايتون ملن ٿيون.