
ڪوڏِي ڪوڏِي
ڪوڏِي ڪوڏِي (راند): سنڌ جي هيءَ مشھور راند ننڍن وڏن شھرن ۾ کيڏي ويندي آهي. پر ڳوٺن ۾ هن راند جو رواج گهڻو آهي. هيءَ راند پنجاب ۾ پڻ کيڏي ويندي آهي.ڪوڏي ڪوڏيءَ جو ميدان هڪ چورس پٽن اندر ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل هوندو آهي، جيڪو ٻنهي پاسي 32 فوٽ هوندو آهي. گرائونڊ جا ليڪا چوني يا ڪوڏر سان ٽڪون هڻي ظاهر ڪبا آهن. راند شروع ٿيڻ کان اڳ رانديگر ڪپڙا لاهي لانگوٽو يا مضبوط ڪڇو پائي ميدان ۾ لھندا آهن. راند شروع ٿيڻ کان اڳ ريفري وچ تي بيھي ٻنهي ڌرين يا ٽيمن کي سڏي راند جا اصول ۽ ضابطا سمجهائيندو آهي. پوءِ هڪ سڪو کڻي ’اکر ڀوري‘ ڪندو، پوءِ جنھن ٽيم ٽاس کٽي، انهيءَ ٽيم جو هڪ رانديگر پھريان ٻي ٽيم ڏانھن ويندو. ريفري جڏهن سيٽي وڄائيندو ته سيٽي ٻڌي رانديگر وچ وارو ليڪو ٽپي ٻيءَ ٽيم ڏانھن ڪوڏي ڪوڏي ڪري ويندو ۽ ٿورو جهُڪي ساڄي يا کاٻي هٿ سان رانَ تي ڌڪ به هڻندو ويندو. ريفري به ساڻس گڏ ڊوڙندو ويندو، جيئن سندس ڪوڏي ڪوڏيءَ جو آواز ٻڌي سگهي ۽ جتي به ان رانديگر جو دم کٽي ته کيس خبر پوي. ان ڪوڏي ڪوڏي چوندڙ رانديگر کي واچ ڪندڙ پڻ چون، واچ وارو رانديگر ٻي ٽيم جي رانديگرن مان ڪنھن هڪ کي هٿ هڻي موٽي ليڪي تي پھچڻ جي ڪوشش ڪندو، پر جنھن رانديگر کي هٿ لڳو، اهو کيس روڪڻ، رنڊڻ ۽ جهلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو، جيئن آيل رانديگر جو وچئين ليڪي تي پھچڻ کان اڳ دم کُٽي وڃي. جي رانديگر جو دم کُٽي پيو ۽ وچئين ليڪي (Centre line) تائين نه پھچي سگهيو ته اُهو کاتو، يعني آئوٽ (Out) ٿيو ۽ وڃي ٻاهر ويھندو، ان کان پوءِ وري ٻئي پاسي وارو رانديگر ويندو، پر جي وڃڻ وارو وٺ واري کي هٿ لائي، گوهيون هڻي ڇڏائي، دم کٽڻ کان اڳ وچئين ليڪي تي پھچي ويو ته پوءِ وٺ واري رانديگر هارايو. ان کي چئبو رانديگر داءُ ڪري آيو يعني ڪامياب ٿي آيو يا مخالف ٽيم جي رانديگر کي هارائي آيو. اهڙي حالت ۾ سندس ٽيم جو ويٺل (کاتل) رانديگر اُٿندو يعني وري کيڏي سگهي ٿو. اهڙيءَ ريت هر ٽيم ڪوشش ڪندي آهي ته مخالف ٽيم جا سڀئي رانديگر آئوٽ ڪري (کاپائي يا کاچائي). جنھن به ٽيم جا سڀ رانديگر کاتا ته انهيءَ ٽيم هارايو ۽ مخالف ٽيم کٽيو. ٻي راند لاءِ ٻئي ٽيمون پاسا مٽائي ٻيھر کيڏنديون. ائين جنھن به ٽيم وڌيڪ رانديون کٽيون ان بازي کٽي.
هن راند جا ڪُجهه وڃ جا رانديگر اهڙا هوشيار ۽ پر اعتماد هوندا آهن، جو مخالف ٽيم کي چوڌاري ڦري ايندا آهن. ائين (واچ) هر رانديگر نه ڪري سگهندو آهي. ائين اهو رانديگر ڪندو آهي، جنھن جو دم گهڻو هجي ۽ وَٺ جي رانديگرن کان پاڻ ڇڏائڻ جي اٽڪلن، طريقن، چالبازين ۽ گوهين ۾ ڀڙ هجي. ڪي وٺ جا رانديگر ايترا اٽڪلي ۽ گرو ڄاڻندڙ اکر وارا هوندا آهن، جو سندن ورتل رانديگر وٺ کان پوءِ چُري نه سگهندو آهي ۽ دم کُٽڻ کان پوءِ ويھڻ ئي سندس مقدر بنجي ويندو آهي. پر شرط آهي ته وٺڻ وارو رانديگر هڪڙو هجي، جيڪڏهن ٻن رانديگر جو هٿ لڳو ته پھرين هٿ هڻڻ وارو رانديگر آئوٽ ٿي ويندو. وٺڻ وارا رانديگرن جيڪي داءُ پيچ ڪندا آهن، انهن کي ڪينچي، چنبي، ڳلٿو يا ٽنگ وجهڻ چئبو آهي، هن راند ۾ به ملهه وانگر جيڪڏهن ڪو رانديگر داءُ ڪري ايندو آهي ته اهو پِڙ جو چڪر هڻي ڏسندڙ شوقينن کان انعام وٺندو آهي، جيڪي راند ڏسڻ لاءِ سڄي تر مان اچي گڏ ٿيندا آهن. هيءَ سنڌ جي مقبول راند آهي.