ڪوٽ ڏيجي (شھر): خيرپور ميرس کان 20 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڪوٽڏيجيءَ موجود آهي، جيڪو خيرپور ضلعي جو تعلقو بہ آهي. ڪوٽڏيجي هڪ قديم تھذيبي ماڳ آهي. هن ٽڪريءَ بابت هڪ روايت آهي تہ ٽڪريءَ تي ’ڏيجي‘ نالو هتي جي حاڪم جي ڌيءَ ڏيجيءَ جي نسبت سان پيو، جيڪو ڦري ٿيو ’ڪوٽڏيجي‘. تاريخي روايتن ۽ قديم آثارن جي ماهرن موجب: ”دڙي مان هٿ آيل پٿر جا اوزار، هٿيار، مٽيءَ جا ٿانوَ، شھر ۽ قلعي جي بناوت مان پتو پوي ٿو تہ هيءُ شھر سنڌ جي ابتدائي شھرن مان آهي، جتي مھذب زندگيءَ جو آغاز ٿيو هو. جڏهن مير سھراب خان ٽالپر 1797ع ۾ ڏيجيءَ جي ٽڪريءَ تي احمد آباد جي نالي سان وڏو قلعو/ڪوٽ تعمير ڪرايو پر ڪوٽ ڏيجيءَ جو ڪوٽ ئي سڏجندو رهيو. ٽالپر گهراڻي جي حڪومت دوران هنن جي گاديءَ جو هنڌ بہ رهيو آهي ۽ انگريزن جي حڪومت ۾ سزا يافتہ ماڻهن لاءِ هتي قيدخانو هو.