ڪوٽ پراڻو (ڪوٽ): ميرن جي دؤر جو هي ڪوٽ ڳوٺ علي نواز ماڇي، ديھه بائيجي شريف، تعلقي پني عاقل ۾ آهي. هي ڪوٽ چورس رٿ ۾ ٺھيل آهي. ڪچين ۽ پڪين سرن جي اوساري آهي. هن وقت ڪوٽ جون صرف ڀتيون وڃي رهيون آهن. اوچي ۾ اوچي ڀت 5 ميٽر ماپي وئي آهي. ڪوٽ جو لنگهہ ڏکڻ طرف هو جيڪو هينئر غائب آهي. برجن (Bastion) جا نشان چئن ئي ڪنڊن تي ملن ٿا. ڪوٽ جي هر ڪنڊ تي اڌ گولائيءَ ۾ برج هئا، هر ڀت جي وچ تي هڪ هڪ برج هو، جيڪي هڪ جيتري مفاصلي تي ٺاهيا ويا هئا. ڪوٽ جي اوڀر واري ٻانھين اڃا سلامت آهي.