ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه قلعه شاهه آباد

ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه/قلعه شاهه آباد: سيد مير يعقوب علي شاهه (اول) جڏهن مغلن جي دؤر ۾ 1088هه/1677ع ۾ بکر جو گورنر مقرر ٿيو، تڏهن هو سرڪاري رهائشگاهه ‘حويلي حاڪم نشين‘ بکر ۾ رهڻ بجاءِ قلعه شاهه آباد روهڙيءَ ۾ وڃي رهيو، ڇو ته بکر ۾ امن امان جي صورتحال خراب هئي. هن ڪوٽ يا قلعي بابت قديم تاريخي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته، اهو قلعو هندستان جي ’غلام گهراڻي‘ جي حاڪم علاؤالدين خلجي جي دور حڪومت (696هه/1297ع کان 716هه/1316ع) ۾، سندس ڪنھن گورنر، روهڙيءَ جي موجوده ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ’رضوي سادات‘ جي رهائش لاءِ تعمير ڪرائي ان جو نالو ’قلعه شاهه آباد‘ رکيو. ان قلعي جي بناوت ڪچي ڪوٽ وانگر هئي ۽ اهي رضوي سادات انهيءَ ڪوٽ ۾ رهڻ ڪري ’ڪوٽائي سادات‘ سڏجڻ لڳا، ’قلعه شاهه آباد‘ اڄڪلهه ’ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه‘ سڏجي ٿو. جڏهن مير يعقوب گورنر مقرر ٿيو تڏهن هن ان پراڻي ۽ ڦٽل قلعي (اباڻي رهائشگاهه) کي نئين سر تعمير ڪرايو، جيڪو هڪ سال اندر 1089هه/ 1678ع ۾ ٺھي مڪمل ٿيو ۽ ٻيھر رهائش جي لائق ٿيو. مير صاحب انهي قلعي ۾ پنھنجي اهل و عيال جي رهائش لاءِ ’سبز محل‘ ۽ ’لال محل‘ ٺھرايا ۽ قلعي جي چئن ڪنڊن تي ٻيا الڳ الڳ چار محل تعمير ڪرايا، ان کان پوءِ ’سبز محل‘ ۽ ’لال محل‘ جي وچ ۾ هڪ سھڻو ۽ دلڪش باغ پڻ لڳرايو. جڏهن مير يعقوب وفات ڪئي، تڏهن کيس انهي باغ ۾ دفنايو ويو ۽ ان کان پوءِ اهو باغ مير صاحب جي اولاد جو پڻ مدفن گاهه بڻجي ويو ۽ باغ اجڙي قبرستان ٿي ويو. هي ڪوٽ بکر جي قلعي وانگر بيضوي نموني تي هو، جنھن ۾ حويليون، باغ ۽ مھمان خانو هئا ۽ چوڌاري ست کوهه کوٽايا ويا هئا. قلعو پندرهن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي هو، قلعي کي اولھندي طرف هڪ شاهي دروازو هو، جنھن کي ’مڪي دروازو‘ ڪري چوندا هئا. ڪوٽ جي مک دروازي جي سامھون مسجد هئي، جيڪا اڄ به موجود آهي، جنھن تي 1089هه/1678ع جو ڪتبو لڳل آهي. هي مسجد اورنگزيب جي حڪم سان ٺھرائي وئي هئي. ان ڪري هن مسجد کي اورنگزيب مسجد به سڏيندا آهن، جڏهن ته ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ ۾ ڄاڻايل آهي. قلعي جي ’مڪي دروازي‘ جي ڀر ۾ هڪ مسجد تعمير ٿيل هئي، جيڪا مير يعقوب علي شاهه جوڙائي هئي. انهيءَ مسجد تي ڪاشي ۽ ميناڪاريءَ جو ڏاڍو سھڻو ۽ عمدو ڪم ٿيل آهي. مسجد اڃا تائين قائم آهي ۽ هر دؤر ۾ سندس مرمت ٿيندي رهي آهي.
مير يعقوب علي شاهه اول 1091هه/ 1680ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس قلعي واري باغ ۾ دفن ڪيو ويو. وقت گذرڻ سان اها جڳھه قبرستان ۾ بدلجي وئي، جيڪا هاڻي درگاهه نواب دولهه جي نالي سان مشھور آهي. ڪيتريون قبرون پڪين سرن سان ٺھيل آهن. ڪوٽ جي اوڀر طرف زنانو قبرستان موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو