ڪوٽ لالو: ھي تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور۾ يونين ڪائونسل جو درجو رکندڙ شھر آھي. ھتيميرن جي دور ۾، ميرن جي خاص ڪاردار لالو نالي واڻيي رھائش لاءِ ڪوٽ اڏايو ھو. ان دور ۾ ڪوٽ ڀر سان ڪجهه ئي وقت کان پوءِ چڱي رھائشي آبادي ٿي وئي. انگريزنجي سنڌ تي قابض ٿيڻ کان پوءِ جڏھن ريلوي نظام جاري ٿيو ته ڪوٽ لالو کان 2ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي’ڪوٽ لالو‘ نالي سان ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ نوابشاهه- خيرپور روڊ ٺھڻ ڪري مقامي ماڻھن دڪان قائم ڪيا، ائين آھستي آھستي ڪاروبار وڌڻ ڪري چڱو شھر آباد ٿي ويو. 1985ع ڌاريھن شھر کي يونين ڪائونسل جو درجومليو. ھنوقتهي چڱو ڪاروباريمرڪز آھي. ھيشھر روڊ ذريعي نوابشاهه، دوڙ، ٻانڌي، خيرپور، درياخان مري، پڊعيدن، نوشھري فيروز ۽ آس پاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شھرن سان ڳنڍيل آھي. ھتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪِرين لاءِ ڌار ڌار پرائمري اسڪول، بوائز گرلز اسڪول، پوليس اسٽيشن ۽ يونين ڪائونسل آفيس ۽ وغيره قائم ٿيل آھن. شھر ۾ مري، خاصخيلي، راجپوت، ڪمبوهه، آرائين، موروجا، وڳڻ، منگيا، مگسي، انڙ، مڱڻھار، منگي، راڄپر، ماڙيچا ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهوآباد آھن. شھر جي آدمشماري 3000 ھزار کان وڌيڪ آھي.