ڪوٽ عالم/ڪوٽ عالمون: تعلقي سجاول ۾ تپي ’رانٽا‘ ۽ يونين ڪائونسل کِيرال جو هڪ آڳاٽو ۽ مشھور ڳوٺ ۽ پتڻ. هيءُ ڳوٺ ٻني شھر کان ڏکڻ اولھه طرف اٽڪل 20 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. موجودہ ڪوٽ عالمو ٽيون ڀيرو آباد ٿيل ڳوٺ آهي. درياھہ جي ڪناري تي هجڻ سبب ٻہ ڀيرا هيءُ ڳوٺ درياھہ جي پائي وڃڻ ڪري ڦٽي چڪو آهي. درياھہ جي ڪناري سان هن ڳوٺ کي ’مياڻ‘ واري حيثيت رهي آهي. انگريزن جي دؤر کان گهڻو اڳ جو ٻڌايل آهي. 1856ع کان اڳ، هن کي حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ اهم حيثيت حاصل هئي، جنھن ۾ ميرپوربٺوري سميت 13 پرڳڻا هئا. انگريزن جڏهن نئين حد بندي ڪئي تہ اُن کي تپي جي حيثيت ملي. ’پري ميوٽني رڪارڊس‘ موجب عالمڪا ڳوٺ (ڪوٽ عالمون) ليفٽيننٽ فيننگ جي هٿ، هيٺين پرڳڻن ۾ ورهايل هو: ٻنون، لائقپور، واليشاھہ، ٿئين، ميرانپور، کيرال-ڪوٽ عالمون، رانٽا ٻيلو، ڌڌڪو- چورواھہ، کورواھہ، گولائي، بھرام پور-سيراڻي، ميرپوربٺورو، ڌڪ، گاجا، آمڙا-شاھہ ڪپور، کڏي ۽ لکت- ميرواھہ. ڪوٽ عالم ۾ ڪيترائي گهر هندن جا بہ هئا جيڪي ورهاڱي کان پوءِ لڏي هندستان هليا ويا. 2010ع واري مينھن ۽ ٻوڏ ۾، ڪوٽ عالمي وٽان، درياھہ کي هڪ وڏو گهارو پيو هو جنھن هن ڳوٺ ۽ آسپاس وارن علائقن کي تمام گهڻو نقصان پھچايو. ڳوٺ جي آبادي اٽڪ هڪ هزار آهي. ڳوٺ جي مشھوريءَ بابت روايت آهي تہ هتي وڏي تعداد ۾ دين جا عالم رهندا هئا، تنھن ڪري هن ڳوٺ کي عالمن جو ڪوٽ سڏيو ويو.