ڪوٽڙي مغل (شھر): ڪوٽڙي مغل پھرين ڪوٽڙي اڀن شاھہ جي نالي سان سڏبو هو پر ارغونن ۽ ترخانن جي لڏي اچڻ ۽ اثر رسوخ سبب ڪوٽڙي مغل سڏجڻ لڳو ۽ ڪيترائي ماڻهو لڏي اچي ڪوٽڙي مغل ۾ آباد ٿيا. حضرت شاھه عبداللطيف جو والد حبيب شاھہ پڻ ھالا حويليءَ کان لڏي اچي ڪوٽڙي مغل ۾ رھيو. ھي ڳوٺ ھالا تعلقي ۾ ڀٽ شاھه کان 5 ڪوھه فاصلي تي پراڻي ساڱري واھه جي ڪپ تي آباد ھو. ھاڻي ھي شھر دڙن جي صورت ۾ موجود آھي.