ڪوٽڙي بندر: سنڌو درياھہ جي کاٻي ڪناري تي آباد هي بندر حيدرآباد کان ٽي ڪلوميٽر پري موجود پُل ڀرسان واقع هوندو هو، جتي پھريائين ٻيڙا ۽ انگريز دؤر ۾ جھاز لنگرانداز ٿيندا هئا، جن جي ذريعي درياهي رستي ويجهن بندرن سان واپار ٿيندو هو، پر تنھن هوندي بہ هن جو شمار سنڌ جي ننڍن بندرگاهن ۾ ٿيندو هو. هن بندرگاھہ جي نالي بابت تاريخي ڪتابن مان ڪا خاص ڄاڻ نہ ٿي ملي، پر ميرن جي شروعاتي دؤر کان هتي واپارين لاءِ ڪوٺي جڙيل هوندي هئي، جنھن کي ڪوٽي ۽ بعد ۾ ڪوٽڙي ڪري ڪوٺيندا هئا. هي بندر ڪلهوڙن جي دور کان استعمال ۾ رهيو ۽ ميرن جي دور ۾ اوج تي رهيو، پر جڏهن سنڌ، انگريزن جي قبضي ۽ حڪمرانيءَ هيٺ آئي، تڏهن هنن سنڌ جي هر قسم جي واپار ۽ هنر کي پنھنجي صنعتي انقلاب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ ئي دؤر ۾ ريل سروس شروع ٿيڻ کان پوءِ آمدورفت ريل وسيلي ٿيڻ سان گڏ ڪراچي بندر کي اهميت حاصل ٿيڻ لڳي، جنھن سبب هي بندر مڪمل طور تي زوال پذير ٿي ويو. هاڻ اهو بندر هڪ شھر جي صورت ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.