ڪوٽڙي الھه رکيو شاھہ (شھر): هي گهوڙا ٻاڙي تعلقي جو ننڍو شھر آهي. هيءُ شھر وڏو ديني مرڪز رهيو آهي ۽ درياهي رستي سبب واپار جي لحاظ کان پڻ وڏو بندر هو. هتان جي آڏاڻن جو تيار ڪيل، ڪپڙو ڏاڍو مشھور هو. ان کانسواءِ هتي ڇُر جو ڪم پڻ وڏي پيماني تي ٿيندو هو. اڄ بہ هتان جا کٽي، کُهنبا، چُنيون، پوتڙا، ٻڌ جو ڪم نھايت عمدو ڪن ٿا هو سَوڙن، دسترخانن، چادرن وغيرہ تي شاندار ۽ پڪو ڪم ڪندا آهن. ڪنھن زماني ۾ هتي ڪاشيءَ جو اعليٰ قسم جو ڪم ٿيندو هو، انهن دڪانن ۽ بَٺين جا نشان اڄ بہ موجود آهن. درياھہ جي تبديليءَ سبب گهوڙاٻاري شھر جي اُجڙڻ کان پوءِ اڄڪلھہ گهوڙاٻاريءَ جون تعلقي آفيسون وغيرہ هتي ئي آهن.