ڪوٽيسر مندر: هيءُ تاريخي مندر هندستان جي ڪڇ ڀُڄ واري رياست جي تعلقي لکپت ۾ سمنڊ جي ڪپ تي هڪ ٻئي مشھور مندر ’نارائڻ سر‘ کان هڪ ميل جي فاصلي تي آهي. هن مندر کي ڪاپڙين، سامين ۽ کاهوڙين جي اچڻ ۽ جوڳ (يوڳ) ڪرڻ سبب خاص اهميت آهي. عام طور مشھور آهي ته سنڌ مان آيل ساڌو فقير هن مندر جي تيرٿ بعد جهونا ڳڙهه، گرنار، سومناٿ، گنگا، مٿرا، گومتي ڏانھن پيرين پيادل ويندا هئا. هن مندر تي ’ڪوٽيسر‘ نالو پوڻ بابت روايت آهي ته مندر کي ٻن طرفن کان سمنڊ جو گهيراءُ آهي ۽ هڪ طرف کان مٺي پاڻيءَ جو وڏو تلاءُ آهي، جيڪو برسات دوران ڀرجي ٿو ۽ مقامي ماڻهن لاءِ پيئڻ جي پاڻي طور ڪتب ايندو آهي. هڪ پاسو مندر جي اچ وڃ لاءِ آهي. اهڙي صورتحال مندر لاءِ ڪوٽ جيئن محفوظ رکندڙ آهي. جنھن ڪري مٿس ڪوٽيسر نالو پيو.