ڪوٽيرو رجب باريجو

ڪوٽيرو رجب باريجو: هي ڪوٽيرو ڳوٺ قاسم باريجي، تعلقي ٿاڻي بولا خان جي ويجهو، ڳوٺ رجب باريجي کان ڏکڻ ۾ اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي، جتي گولائيءَ ۾ هڪ ڪوٽيرو پٿرن جو ڍڳ ٺاهي پڙ ٺاهيو ويو آهي، جنھن کي مقامي ماڻهو ڪوٽيرو چون ٿا جتي پٿر گولائيءَ ۾ کتل آهن، هن ماڳ جو قطر 3.70 ميٽر آهي. ان حصي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇھه وڏا پٿر گولائيءَ ۾ کتل آهن ۽ وچ ۾ قبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو