ڪوٽيرو بُٺي (ماڳ): ڪراچي ڀرسان ڪوهستان واري علائقي ۾ کڏيجيءَ واري مستقل آبشار ويجهو کڏيجيءَ جي پاسي کان ۽ مٿي ٽڪرين تي قديم آثارن جو هڪ سلسلو آهي. آبشار جي مٿان کاٻي ڪنڌيءَ تي قدرتي ٽاڪرو گهرڙا ٺھيل آهن ۽ اڃا مٿي چوٽيءَ تي سڀ کان اوچي ڪاري ٽڪريءَ کي ڪوٽ واري بُٺي يا ڪوٽيرو بُٺي چون ٿا. هن بُٺيءَ جي ڇت کي پٿرن جي ننڍڙي ديوار سان ڪوٽ ڏنو ويو آهي. ڪوٽيرو بُٺي سائيٽ تان چقمقي پٿر جا بليڊ به ملن ٿا. هنن آثارن جو ذڪر پاڪستان ٺھڻ کان اڳ انگريز آرڪيالاجسٽن ڪيو هو ۽ ان کي تاريخ جي ڳڻپ کان آڳاٽو ماڳ قرار ڏنو ويو آهي.