ڪوٽيرو آري پير

ڪوٽيرو آري پير (دڙو): هي دڙو ڳوٺ جھانگارا، تعلقي سيوھڻ کان 3 يا 4 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾، ڳوٺ پير آري لڳ، ضلعيڄام شوري ۾ آهي. جنوري 1928ع ۾ جڏھن مجمدار ھن ماڳ تي آيو هو ته مٿاڇري تي چن واري پٿر جا مٽڪا (Chert)، پٿر جون ڇِلون (Flakes) ۽ خاڪي (Gray) رنگ جو ٺڪراٺو پکڙيل ڏٺو هئائين. ھن ماڳ تي گهڻو ڪم نه ٿي سگهيو آهي. مجمدار کي ھتان جيڪو ٺڪراٺو مليو، سو پنھنجي قسم جو الڳ نمونو ھو.ھتان مليل سرمائي ٺڪراٺو آمري تھذيب کان مختلف آهي. کوجنا لاءِٻه کڏون ھنيون ويون،ھڪ کڏ وڏي دڙي جي اُتر واري حصي ۾ ۽ ٻي ڏاکڻي دڙي ۾. ھنن دڙن مان ٺڪراٺو وڏي تعداد ۾ ڪاري رنگ جو مليو، جنھن تي خاص نموني جي اُڪر ٿيل آھي. ھتي اڪثر بي ترتيب شڪل جا ڇليل چقمقي پٿر آھن، نقاشيءَ وارو ٺڪراٺو تمام ٿورو ھو. جھانگارا (آري پير) جي ڪاري ٺڪراٺي تي پالش ۽ اُڪر واري نقاشي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو