ڪوٺاري (رسم): سنڌي سماج جي شادين ۾ گهوٽ سان گڏ رسمون ادا ڪرائڻ لاءِ ڪي ڄاڃي مقرر ڪيا ويندا آهن، جن مان هڪ کي ڪوٺاري سڏيو ويندو آهي. انهن ڄاڃين مان ھڪ ھوشيار ماڻهو يا گهڻو ڪري گهوٽ جي ڀيڻوئي کي کارڪن وغيره تي ويھارين، جنھن کي چون ’ڪوٺاري‘. ٻيو ھڪ سمجهو ماڻهو مقرر ڪن، جنھن جي ھدايت موجب سڀ رسمون پوريون ڪن. انهيءَ کي ’وڏ جاني‘ چون ۽ ڪنواريتن طرفان چون ’مانڏھي‘. ڄڃ لاءِ ڇنو يا مَنھه ڪنواريتا ٺاھين. ڇني کي ’منڏيھه‘ به چون ۽ ٺاھڻ وارن کي ’مانڏھي‘.
ٿر جي ھندن ۾ عام طرح گهوٽيتا، پنھنجي پڄندي آھر ڄاڃي کڻن. وچوئو يعني رشتو ڪرائيندڙ ھر حالت ۾ گڏ ھجي، باقي ٻيا ويجھا مائٽ دوست وغيره ڄڃ ۾ کڻن. ٻھراڙين ۾، مختلف ذاتين ۾ ڄڃ کي ڪنواريتن ۾ پھچڻ بعد ڪنواريتا ماني کارائين، باقي شھرن ۾ ڪنواريتا فقط ڪي مقرر ويلا کارائين ۽ باقي کاڌي پيتي جو خرچ گهوٽيتا ڪن.