
ڪوي
ڪوي: ڪويءَ جو اصل نالو خير محمد ولد محمد دائود ميربحر آھي. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’ڪوي‘ آھي. هن 20 ڊسمبر 1965ع تي جهمپير ويجهو ڳوٺ گِهنڊڙي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. ايم. اي (سنڌي) 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين. 1986ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. ننڍي ڄمار کان شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. هن لوڪ گيت به لکيا آهن. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي.
1965.12.20 عيسوي
ڪويءَ جو اصل نالو خير محمد ولد محمد دائود ميربحر آھي. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’ڪوي‘ آھي. هن 20 ڊسمبر 1965ع تي جهمپير ويجهو ڳوٺ گِهنڊڙي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.