
ڪوئل
ڪوئل (پکي): هن مشھور پکيءَ کي انگريزي زبان ۾ ‘Koel’، هندي ۾ ’ڪوئل‘، سنسڪرت ۾ ڪوڪيلا ۽ اردو زبان ۾ ’ڪويل‘ چيو ويندو آهي، سائنسي نالو Eudynamys Scolopacea اٿس.هن پکيءَ جو تعلق ‘Cuculidae’ خاندان سان آهي. هن پکيءَ جي جسماني ڊيگهه 40 کان 44 (سينٽي ميٽر)، نر ڪوئل جي پرن جي ڊيگهه اٽڪل 18.2 کان 20.5 (سينٽي ميٽر) ۽ ماديءَ جي پرن جي ڊيگهه 17.9 کان 20.3 (سينٽي ميٽر)، پڇ جي ڊيگهه 18 کان 20 (سينٽي ميٽر) ۽ وزن لڳ ڀڳ 229 گرام ٿيندو آهي. ظاهري ڏيک ۾ نر ۽ ماديءَ جو رنگ هڪ ٻئي کان مختلف ٿئي ٿو. نر جو رنگ گھرو ڪارو چمڪدار، اکيون قرمچي ڳاڙهيون ۽ ماڻڪي ڪاري هوندي آهي. چھنب جو رنگ هيڊو - سائو، گولائين چوٽيءَ سان پڇ سنھو ۽ ڪارو، ڄنگهون ۽ پير نيراڻ مائل سليٽي رنگ جا ٿين ٿا. جڏهن ته پير جون آڱريون هڪ ٻئي سان جڙيل هونديون آهن. ماديءَ جو رنگ گھرو سرمائي ٿئي ٿو، جنھن تي اڇاڻ مائل ميٽائي رنگ جون آرپار افقي ليڪون ٿين ٿيون ۽ نر جي ڀيٽ ۾ چھنب وڌيڪ نوڪدار ۽ گھري ڦڪي رنگ جي ٿئي ٿي. پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ۾ ڪوئل جو هي قسم تمام عام آهي، پر ٻين ڪوئلن وانگر هي ڪوئل به ڏسڻ ۾ گهٽ ۽ ٻڌڻ ۾ وڌيڪ ايندي آهي. نر جي ٻولي پڪي پر ٻٽي ڪوڪ تي ٻڌل هوندي آهي ۽ رکي رکي ’ڪُو---اُو‘، ’ڪُو---اُو‘ جو آواز ٻوليندو آهي، جڏهن ته مادي ڪوئل تيزي سان ’ڪڪ-- و ڪڪ-- و ڪڪُ، ڪڪ-ڪ‘ جو آواز دهرائيندي آهي. اونھاري جي مند ۾ هيءُ پکي اڪثر سنڌ کان پنجاب (پاڪستان) ۽ هندستان جي آباديءَ وارن علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ويندو آهي ۽ نسلي واڌ ويجهه لاءِ خيبرپختونخواهه جي علائقن: بنون ۽ ڪوهاٽ طرف پڻ رخ ڪندو آهي. نسلي واڌ ويجهه جو عرصو جون ۽ جولائي مھينن تي مشتمل هوندو آهي، جنھن دوران مادي ڪوئل پنھنجو آکيرو جوڙڻ بجاءِ، پنھنجا آنا ڪانوَن جي آکيرن ۾ لاهيندي آهي ۽ ڪانءُ انھن آنن کي پنھنجا سمجهي ٻچا پاليندو آهي. ڪوئل جا آنا ڪانءُ جي آنن کان ٿورا ننڍا پر ڏسڻ ۾ هوبھو ڪانءُ جي بيضن وانگر ميٽائي رنگ جا ٿين ٿا، جن تي سائي مائل سليٽي رنگ جا دڳڙ ۽ بنھه هلڪيون ليڪون ٿين ٿيون. هيءُ پکي خاص ڪري گهاٽن وڻن ۽ ٻوڙن ۾ ڏسبو آهي. رسدار ميوا، گلن جو رس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ننڍن پکين جا بيضا به کائيندو آهي. ڪوئل گهڻو ڪري وڻن وارن علائقن ۽ باغن ۾ ملندي آهي ۽ پنھنجي سريلي ۽ مٺڙي آواز سان پنھنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريندي آهي. سنڌ ۾ عام طور ڪنھن ماڻهوءَ جي خوبصورت آواز کي ڪوئل جي آواز سان تشبيھه ڏني ويندي آهي. سنڌ جي هن مقامي پکيءَ جو سنڌي ادب ۾ به گهڻو ذڪر ملي ٿو، جنھن مان پرمانند ميوارام جي ڪتاب ’گل ڦل‘ (1936ع) ۾ ’ڪوئل‘ نالي مضمون ۽ شيخ اياز جي هڪ غزل جي مطلع جي سٽ ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري‘ اهم مثال آهن. ڪويل جو ذڪر قديم هندي شاعريءَ ۾ به عام جام ملي ٿو.