ڪنگڻ

ڪنگڻ (ڳھه): هي ٻانھن ۾ پائڻ جو هڪ ڳھه آهي. ڪنگڻ سون ۽ چانديءَ مان گهڙيا ويندا آهن. سنڌ ۾ رهندڙ سموريون ذاتيون پائين، پر هندو ۽ ڪڇي مسلمانن ۾ ان جو رواج گهڻو آهي. گهاڙيٽي جي لحاظ کان ڪنگڻ جا هيٺيان قسم مشھور آهن. (1) جڙاءُ وارا ڪنگڻ، (2) مينا وارا ڪنگڻ، (3) برنجن وارا ڪنگڻ، (4) چاٻي وارا ڪنگڻ، (5) بنا چاٻي وارا ڪنگڻ، (6) نانگ ڪنگڻ، (7) لسا ڪنگڻ، (8) ٺپي وارا ڪنگڻ، (9) مَکِ وارا ڪنگڻ وغيرہ.


لفظ ڪنگڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو