ڪنگري

ڪنگري: سنڌ ۾ سکر ڊويزن جي ضلعي خيرپور ميرس جو هڪ شھر ۽ تعلقو. جيڪو خيرپور جي اولھه طرف اٽڪل 18 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. شھر کي 1990ع ۾ تعلقي جو درجو مليو، جڏهن تہ تعلقي جو صدر مقام ’پير جو ڳوٺ‘ آهي. ڪنگري تعلقو 10 يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي. پريالو غير فعال ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽي آهي. 8 يونين ڪائونسلون تعلقي ڪنگريءَ جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ واقع آهن. نئين مڪاني نظام کان اڳ تعلقي ۾ ٻہ (02) شھري ڪائونسلون: پير جو ڳوٺ ۽ پريالوءِ شامل هيون. هتي ڪيلا، کجي، انب، ڪڻڪ، ڪپھه، ڪمند، ڀاڄيون ۽ ٻيا فصل ٿين ٿا. هن تعلقي ۾ تاريخي قبرستان ۽ درگاهون آهن جن ۾: درگاھہ حضرت محمد راشد روضي ڌڻي (پير جو ڳوٺ)، درگاھہ حضرت مخدوم محمد اسماعيل (پريالوءِ) ۽ درگاھہ شيخ طيب نزد ڊرٻ مھر شاھہ شامل آهن. 2017ع جي آدمشماري موجب تعلقي جي آبادي ٽي لک چاليھه هزار، ٻہ سو ارڙهن (340،218) آهي.


لفظ ڪنگريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو