ڪنڪڻي
ڪنڪڻي (زيور): ڪنڪڻي، چوٽيءَ ڦل وانگر وارن جي سينگار جو زيور آهي. هي ڌتوري جي ڦل جي نموني تي گهڙيل زيور وارن جي چوٽيءَ جي آخر ۾ سوئي ڌاڳن ۽ پشن جي ٽؤنرن سان سينگاري وارن ۾ ڳتيو ويندو آهي، هي زيور اڪثر طور چانديءَ جو گهڙايو ويندو آهي، پر ڪي ڪي سون جو بہ تيار ڪرائيندا آهن.