ڪنڊ واري رومي

ڪُنڊ واري رومي (قبرستان): ڪراچي جي ديھه ڪُنڊ ۾، ڪنڊ بازار ڏانھن ويندي، ڪنڊ نئن جي ساڄي پاسي ڳوٺ محمد ڇٽو لڳ هڪ وڏي علائقي ۾ هڪ قبرستان آهي. جنھن ۾ 30 خوبصورت چٽساليءَ واريون گهاڙي قبرون آهن. انھن جي طرز بلڪل بلوچ مقبرا (طوطا واري چوڪنڊي) ميمڻ ڳوٺ لڳ ۽ نيشنل هاءِ وي تي ڄام مريد واري چوڪنڊي جي قبرن جي چٽساليءَ وانگر آهي. جن مان ٽن قبرن تي نالا پڻ لکيل آهن. انهن مان هڪ تي ’اسحاق محمد‘ لکيل آهي. ان کي مڪاني ماڻهو ’ڪنڊ واري رومي‘ چون ٿا. هڪ قبر تي جانور جي تصوير تي صليب جو نشان ٺھيل آهي ۽ هڪ پاسي جانور مٿان هٿ جو پنجو ۽ ٻئي پاسي تلوار اڪريل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو