ڪنڊڙو/ڪنڊڙيو: هي ڀرت جوهڪ قسم آهي، جيڪو لباس جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ شلوار جي پائنچن تي گهڻو ڀريو ويندوآهي. هن ڀرت لاءِ ڪنڊيدار سُئي (آر) استعمال ڪونه ٿئي، عام سلائي واري سُئيءَ سان ڀريو ويندو آهي. هي ڀرت مرداڻي لباس ۾ فقط شلوار جي پائنچن ۽ اجرڪ جي ٻن پُڙن جي جوڙ تي ڪيو ويندو آهي. زناني لباس ۾ قميص جي ڪنارن، گلي ۽ ٻانھن جي ڪنارن ۽ ڪنجري جي پيٽيءَ ۽ پُٺ جي ڪنارن توڙي ٻانھوٽن تي ڪيو ويندو آهي. ٿر ۽ لاڙ ۾ ڪنڊڙي ڀرت جو رواج عام آهي. هن ڀرت ۾ جنھن رنگ جو ڪپڙو هوندو، ان ئي رنگ جي سادي ڌاڳي سان ڀرت ڀريو ويندو آهي.