ڪنڊي ترائي ڪوٽيرو1: هي ماڳ، ديھه ڪنڊي ترائي، تعلقي ٿاڻي بولاخان ۾ موجود آھي. ھي ماڳ ھڪ ھيٺاھين ٽڪريءَ تي آھي. ھتي آڳاٽي اڏاوت جا نشان ملن ٿا. ھي وڏن پٿرن جي اڏاوت آھي، جنھن ۾ ھڪ سڌ ۾ 4 ڪمرا ٺھيل آھن. ھرھڪ ڪمري کي اتر ۾ لنگهہ ڇڏيل آھي.
ڪنڊي ترائي ڪوٽيرو2: هي ماڳ، ديھه ڪنڊي ترائي، تعلقي ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄام شوري ۾ موجود آھي. ھي ماڳ ڪوھستان ۾ ڳوٺ خاصخيليءَ ڀرسان آھي. هتي اڏاوت جي ماپ ڊيگهہ ۾ 32 ميٽر ۽ ويڪر ۾ 60.17 ميٽر آھي ۽ اتر ۾ هڪ لنگهہ آھي. ھي ڪوٽيرو ٻن ڪمرن تي مشتمل پٿرائون آثار آهي.