ڪنڊياري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي جوهيءَ ۾ بھاولپور ڳوٺ ويجهو آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي گهڻي ٿئي ۽ هر سال ان جو نيلام فشريز کاتو ڪندو آهي. ماضيءَ جي هن ڍنڍ جي ايراضي 150 ايڪڙ کن هئي، جنھن ۾ ٻيڙيون پڻ هلنديون هيون. الھندي ناري جو ٿيڻ ۽ ناري جي ٻنھي پاسن M.N.V.D بندن اچڻ سبب هن ڍنڍ جو اوج ختم ٿي ويو. هيءَ ڍنڍ شھيد مخدوم بلاول جي مزار کان اولھه طرف 8 ڪلوميٽرن تي واقع آهي.