ڪنڊيارو

ڪنڊيارو (شھر): ساهتي پرڳڻي جي قديم ۽ ٻيھر آباد ٿيل شھرن مان ’ڪنڊياري‘ جو شھر پڻ هڪ آهي. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ ساهتي پرڳڻي ۾ جيڪي اهم ۽ مکيہ شھر هئا، تن مان ڪنڊيارو بہ خاص ڪري ڪپڙي جي صنعت ۽ واپار جو اهم مرڪز هو. تاريخي لحاظ کان پڻ هيءُ قديم شھر آهي. شھر جي آبادي ۽ اڏاوت ٻڌائي ٿي تہ هيءُ شھر بہ سنڌ جي ٻين شھرن وانگر ڪيترائي دفعا ڦٽو ۽ تباھہ ٿيو. هي شھر مٽيءَ جي وڏن دڙن تي ٻڌل آهي. تاريخي روايتن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ موجودہ ڪنڊياري جو شھر، مغلن جي دور حڪومت ۾ غالباً شھنشاھہ جھانگير (1605ع-1627ع) جي دور ۾ آباد ٿيو. هن شھر جي آباد ٿيڻ جي باري ۾ ساهتيءَ جو مشھور عالم ۽ تذڪره نگار قاضي ميان قطب الدين خانواهڻ وارو لکي ٿو تہ: ”هيءُ شھر سنڌو درياھہ جي ويجهو ۽ ساهتيءَ جي مشھور ’راوَر واري رستي‘ (ٽپالي تار وارو رستو) جي وَٽَ سان آباد آهي. هن شھر ۾ ڪپڙي جي صنعت جا وڏا آڏاڻا آهن ۽ اوڄ جو مکيہ مرڪز آهي. هتان جو نفيس ۽ عمدو ڪپڙو ڏورانھن ڏيھن ڏانھن وڃي ٿو. هتي شھر جي آباد ٿيڻ کان اڳ ۾ ’ڪنڊين‘ جا وڏا وڻ هئا، جن کي وڍي صاف ڪري، درياھہ جي ليٽ جي ڊپ کان شھر کي مٽيءَ جي وڏن ۽ مٿانھن دڙن تي آباد ڪيو ويو، ان زماني ۾ هن شھر کي ’ڪنڊيءَ وارو‘ شھر ڪري سڏيندا هئا، پر پوءِ جلد ئي ’ڪنڊيارو‘ ڪوٺجڻ ۾ آيو. هن شھر بابت ’سنڌ گزيٽيئر‘ ۾ لکيو ويو آهي تہ: هيءُ شھر مغل شھنشاھہ جھانگير جي دؤر حڪومت ۾ آباد ٿيو ۽ هن کي آباد ٿئي اٽڪل ٽي سؤ سال ٿيا آهن. ان کانسواءِ شھر جي موجودہ آباديءَ جي ڀرسان اڳ ۾ هڪ وڏو شھر آباد هو، جنھن جا آثار پڻ نظر اچن ٿا، جنھن کي ’پتوئي پور‘ ڪري چوندا هئا. درياھہ جي ٻوڏ سبب، اهو قديم شھر ڦٽي تباھہ ٿي ويو. موجودہ شھر آباد ٿيڻ بعد ’ڪنڊين جي وڻن‘ جي نسبت سان ’ڪنڊيارو‘ سڏجڻ ۾ آيو.“
مغلن جي اوائلي دور ۾ سنڌ جا واپاري، سنڌ جي مکيہ شھرن جھڙوڪ: ٺٽو، نصرپور، سيوهڻ، لاهري بندر، بکر، روهڙي، درٻيلي ۽ ڪنڊياري مان نفيس قسم جو ڪپڙو خريد ڪري، ٻين ملڪن ڏانھن روانو ڪندا هئا. ڏيھي توڙي پرڏيھي امير طبقي جا ماڻهو ۽ عورتون ڪنڊياري جي ململ وڏي شوق سان پھريندا هئا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن ڪنڊياري جو ڪپڙو خريد ڪري، يورپي منڊين ڏانھن روانو ڪيو هو. ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ خدا آباد جلد ئي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٿي ويو. ساهتيءَ جو پرڳڻو، سيوهڻ جي بلڪل سامھون هو ۽ پوري هڪ صديءَ تائين سنڌ جو واپاري ۽ صنعتي مرڪز رهيو.
سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ ساهتيہ پرڳڻو گهرو هنرن جو مرڪز هو. هن دور ۾ نصرپور، هالا، گنبٽ ۽ روهڙيءَ جھڙا شھر اهم مرڪز هئا، جن سان گڏ ڪنڊيارو پڻ ڪپڙي سازيءَ جي هنر ۾ وڏي اوج تي هو. هتي ڪپڙي جا ڪارخانا هئا ۽ انهن ڪارخانن ۾ بافتو، ململ، انگوڇا ۽ ٻيو سوٽي ڪپڙو ٺھندو هو. انگريزن جي دؤر ۾ولايتي ڪپڙو سنڌ ۾ شروع ٿيو ۽ هن علائقي جي ڪپڙي جي صنعت ڪافي متاثر ٿي. جنھن سان آڏاڻا ۽ ڪپڙي اُڻڻ جا سڀئي مرڪز ويران ٿي ويا. رڳو ننڍي پيماني تي هي صنعت قائم رهي. جتي انگوڇا، پوتڙا ۽ بَرَ واريون ننڍيون جوڙيون ٺھڻ لڳيون.1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر سنڌ جون صنعتي شيون گڏ ڪري لنڊن جي ’هائيڊ پارڪ‘ واري صنعتي ميلي ۾ رکايون هيون. جن ۾ ڪنڊياري جو ڪپڙو پڻ رکيو ويو هو. انگريزن پنھنجي دورِ ۾ انتظامي لحاظ کان 1912ع ۾ نوابشاھہ نئون ضلعو قائم ڪيو. هن ضلعي جي قيام کان پوءِ ’ڪنڊيارو‘ تعلقو ٿيو ۽ ڪنڊياري شھر کي تعلقي جو صدر مقام بڻايو ويو. جنھن ڪري هيءُ شھر وڌيڪ ترقي ڪرڻ لڳو. 1861ع ۾ هن شھر ۾ ميونسپالٽي قائم ڪئي وئي. پر پوءِ 1887ع ۾ ميونسپالٽيءَ واري حيثيت گهٽائي، ان کي نوٽيفائيڊ ايريا (ٽائون ڪاميٽي) وارو درجو ڏنو ويو.1880ع ۾ سرڪاري اسپتال قائم ٿي ۽ هن وقت شھر جي ڏکڻ ۾ ريلوي لائين جي ڀرسان هيلٿ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. 1917ع ۾ نوشھري فيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر خان بھادر قادر داد خان، ڪنڊياري شھر ۾ هڪ هنري اسڪول قائم ڪيو، جو ڪافي وقت تائين ڪاميابيءَ سان هليو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو