ڪنڀار ڪنڀر

ڪنڀار/ڪنڀر (ذات): ڪنڀار/ڪنڀر سنڌ جي قديم ذاتين ۾ شامل آهي. هن ذات جو شمار انھن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي ڪنھن نہ ڪنھن هنر ۽ ڪرت جي حوالي سان مشھور آهن. هن ذات وارا آڳاٽي دور کان وٺي سنڌ ۾ موجود رهيا آهن، هن ذات وارا ٿر ۾ ڪنڀار ۽ اتر ۾ ڪنڀر سڏرائن ٿا. ٿر ۾ آباد ڪنڀارن لاءِ رائچند هريجن پنھنجي ڪتاب ’تاريخ ريگستان‘ ۾ لکيو آهي: ”هي سڄي ٿر ۾ پکڙيل آهن ۽ مارواڙ کان آيل آهن“ دراصل هنن جي سڃاڻپ ڪنڀارڪي ڪم جي ڪري آهي. مختلف ذاتين وارن ماڻهن تي گهڻي زماني کان لڳاتار ڪنڀارڪو ڌندو ڪرڻ جي ڪري هاڻي ذات ئي ڪنڀار پئجي چڪي آهي. ڪنڀارن جو هنر بہ اوترو ئي پراڻو ۽ آڳاٽو آهي، جيتري خود انساني تھذيب آهي. لڳي ائين ئي ٿو تہ باھہ جي ايجاد يا دريافت، ڪنڀارڪي فن ۽ هنر کي جنم ڏنو. ڪنڀارڪي ڪرت جي خاص ڳالھہ اها بہ آهي ته، هن ڪم ۾ عورتون ۽ مرد هڪ جيترو هٿ ونڊائيندا آهن. ٿانوَ ٻن قسمن جا هوندا آهن، هڪ چڪ تي ٺھندڙ ۽ ٻيا هٿ تي، چڪ وارا ٿانوَ گهڻو ڪري مرد ۽ هٿ وارا ٿانوَ وري گهڻو ڪري عورتون ٺاهينديون آهن. ان کان سواءِ ٿانون تي چٽ ڪڍڻ جو ڪم مرد پر گهڻو ڪري عورتون ئي ڪنديون آهن. آوي چاڙهڻ ۾ هٿ ونڊرائڻ کان ويندي، پڪل ٿانون کي آوي کان ٻاهر ڪڍي رکڻ تائين عورتون، هر مرحلي ۾ مردن سان گڏ ڪم ڪنديون آهن. ڪنڀارن وٽ ڀڳل هڏ ٻڌڻ جو ڌنڌو صدين کان هلندڙ آهي. سڄي سنڌ جي ڪنڀارن ۾ هر راڄ ۾ ڪي هڏن جوڙڻ جا ماهر اڄ بہ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو