ڪنٺو (ٿر جو هڪ طبعي ڀاڱو): ٿر جو هي وڏن ڏهرن جي زرخيز زمين ۽ وڻڪاريءَ وارو طبعي ڀاڱو ڍاٽ ۽ کائڙ جي دنگئي ڳوٺ کينسر جي ڀرسان ڳوٺ ڪرشن جي ويري کان شروع ٿي ڪيتاري وٽان ڳچي جي زيور ڪنٺي/ ڪٺمال وانگر موڙ کائي ننگر جي وڏي حصي تائين پھچي ٿو. جنھن ۾ تعلقي ننگرپارڪر جو اتر ۽ اوڀر، ڇاڇري تعلقي جو ڏکڻ ۽ مٺي تعلقي جو اوڀر وارو حصو اچي وڃن ٿا. ڪنٺي جو مکيھ روڊ ڇاڇري کان ننگر پارڪر ويندڙ آھي. هتي کوھہ سئو فوٽن کان ويندي ڏيڍ سئو فوٽن تائين اونها آهن. کوهن جو پاڻي ڪي قدر ذائقي ۾ مٺو آهي. ڪٿي ڪٿي کوهن جي کوٽائي ڪندي سئو فوٽن تي ڪاري سخت پٿر جو تھه اچي ٿو، جيڪو ٽوڙڻ ۾ ڏاڍو مشڪل ٿيو پوي. هن علائقي ۾ وڻن جو قد ڊگهو آهي. هتي ڄارين جا وڏا وڻ آهن. جن جا پيرونءَ تمام مٺا ٿين ٿا. هتي برسات وسڻ کان پوءِ سڄو علائقو سرسبز ٿيو وڃي. هي علائقو ٿر جي قديم تاريخي ماڳن سان ڀرپور آهي، جنھن ۾ ’ستي ڏهرا‘ ماڳ تاريخي اهميت رکي ٿو. هتي ٻاجهر ۽ گوار گهڻي ٿئي. مڱ، موٺ ۽ تر وغيرہ پڻ ٿين ٿا. ھي پوک برسات تي ٿئي ٿي. ھتي ڪونڀٽ، روھيڙو، ڪرڙ، ڪنڊو، ڄار ۽ ٻير وغيرہ گهڻا آهن. ساوا گاھھ بہ گهڻا آھن.