ڪنب ننھن جهڏو

ڪنب ننھن جهڏو (ماڳ): هي ماڳ تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي کيرٿر سلسلي ۾، ڪلري گبربند جي اتر طرف نئن ڏانھن وھي ايندڙ زئپتي ڍوري جي ڪناري تي ٽڪرين ۾ گهيريل آهي. هن ماڳ واري ٽڪريءَ تي مختلف جانورن جي تصويرن جي اُڪر آهي. اهي تصويرون سرھہ، گَڊُ ۽ جبل ۾ ملندڙ ٻين جانورن جون آهن. ھڪ منظر ۾ سرھه جي شڪار جو منظر چٽيل آھي. بگهڙن جي ھڪ ٽولي جو فطري منظر بہ چٽيل آھي. آس پاس مٽي گاڏڙ پٿرن تي لڪيرن جي صورت ۾ ڪن جانورن جون شڪليون موجود آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو