ڪمل ڪوٽ ڀٽ
ڪمل ڪوٽ ڀٽ: هيءَ ڀٽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڳوٺ ڪانٽئي وٽ آهي. هن ڀٽ جي لاءِ چيو وڃي ٿو، تہ ڪمل سنگهہ ساڏور عمرڪوٽ جي راڻن سان مھاڏو اٽڪائڻ کان پوءِ هتي اچي ڪوٽ اڏائي رهي پيو هو، ان ڪري هن ڀٽ جو نالو ڪمل ئي ڪوٽ پئجي ويو. ساڳئي نالي سان ٻئي ڀٽ چار نور جي الھندي پاسي پڻ آهي.