ڪمانگري چترڪاري (هنر): هي هنر راجسٿان مان ٿيندو ڪڇ ذريعي سنڌ ۾ آيو. سنڌ جي ڪيترن راجپوتن راجسٿان جي راجوڙن (راڄوڙن) مان شاديون ڪيون. ان ڪري ڪيترا ڪاريگر ۽ ڪلاڪار گڏ ڏاج طور سنڌ ۾ آيا. هي چترڪار خاص ڪري گهرن جي ٻاهرين حصن تي ديوي ديوتائن کانسواءِ لوڪ جيون سان جڙيل جانورن، پکين ۽ ڪُشتي ڪندڙ ملهن وغيرہ سان ڀتين کي سجائيندا هئا. ڪمانگر چٽن ڪڍڻ لاءِ پٿرن مان قدرتي رنگ حاصل ڪندا هئا يعني چٽن ڪڍڻ لاءِ پٿرن جي ٻوري مان رنگ ٺاهي استعمال ڪندا هئا. ڪڇ جي جاڙيجن راجائن جي وقت ۾ ڀتين تي چٽ ڪڍڻ جي هن روايت جو آغاز ٿيو، جنھن کي ڪمانگري چٽ چئجي ٿو. ڪمانگر ڀتين کان سواءِ ڪاغذ تي پڻ تصويرون ٺاهيندا هئا.