ڊاڪٽرڪمال ڄامڙو

ڊاڪٽرڪمال ڄامڙو

ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر

ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر ڪمال ولد لونگ خان ڄامڙو، پھرين آگسٽ 1972ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي) ڪئي. مئي 1998ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاھہ لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهيو. آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميہ سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. جنھن کان پوءِ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي ڪئي. سندس پي ايڇ. ڊي جو مقالو ’سنڌوءَ جا گيت‘ عنوان سان 2008ع ۾ ثقافت کاتي پاران شايع ٿيو. سندس ڪيترا تحقيقي مقالا ۽ مضمون سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هن ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ لاءِ سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکيو. ڪيترائي سال ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر رهيو. وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾استاد مقرر ٿيو ۽ پوءِ شعبي جو چئرمئن بہ رهيو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سنڌي سکيا ڪلاس جو نگران بہ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’شاھہ عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘ (ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ، 1998ع)، ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘ (2003ع)، ’لطيف ذهني چٽا ڀيٽي‘ (2004ع)، ’سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت‘ (2005ع)، ’مقالا-سومرا دؤر قومي ادبي ڪانفرنس‘ (مرتب، سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي 2007ع)، ’ڪراچيءَ جا اديب ۽ شاعر‘ (2007ع)، ’تو لکيو مون پڙهيو‘ (خط، 2007ع)، ’سرڪيڏارو بابت لکيل مقالا‘ (مرتب، 2008ع)، ’سنڌوءَ جا گيت (پي ايڇ. ڊي مقالو، 2008ع)، ’ڪچھريءَ جا مور‘ (لوڪ ادب، 2013ع)، ’سنڌي لوڪ ادب‘ (2016ع)، ’ڀٽائي ۽ ڀونءِ‘ (چونڊ بيتن جي سمجهاڻي، 2019ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ثقافت‘ (2019ع)، ’عشق جي عنايت‘ (فقير علي گوهر وڳڻ جو ڪلام، 2019ع) ۽ ’بھادر ڇوڪري‘ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون ۽ مضمون، 2020ع) شامل آهن. هن 16 ڊسمبر 2020ع تي ڊينگي بخار سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.08.01  عيسوي

ڊاڪٽر ڪمال ولد لونگ خان ڄامڙو، پھرين آگسٽ 1972ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.


2020.12.16  عيسوي

ڪمال ڄامڙو16 ڊسمبر 2020ع تي ڊينگي بخار سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بالزاڪ
عبدالجبار عاجز منگي
پطرس بخاري
بھاري لعل ڇاٻڙيا 2
شان الحق حقي
غلام مصطفيٰ سولنگي 2
سيال احمد خان
ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر
خالد چانڊيو
ولي رام ولڀ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون