
راهمون، ڊاڪٽر ڪمال
ڪمال راهمون ڊاڪٽر: سماجي ڪارڪن ۽ قومپرست شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر ڪمال راهمون، 5 مئي 1962ع تي ڳوٺ پنات، تعلقي ڇاڇري ۾ مولوي عبدالواحد راهمون جي گهر ۾ جنم ورتو. هُو انٽر ڪرڻ بعد ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. غريب شاگردن جي بھتر تعليم لاءِ ڪوششون ڪيائين. سماج سڌار سوسائٽيءَ جو قيام عمل ۾ آڻي شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙڻ لڳو. ٿر ۾ وڏيرڪي سياست جي خاتمي لاءِ جاڳرتا پيدا ڪري، هيٺئين درجي جا اميدوار موروثي سياستدانن جي مقابلي ۾ بيھاريائين. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. ٽوڙي ڦاٽڪ واقعي بعد کيس گرفتار ڪيو ويو. هُو 16 مارچ 1986ع تي شاگرد ساٿين سان گڏ يونيورسٽيءَ جي ماحول جي بھتريءَ لاءِ پرچار ڪري رهيو هو تہ مٿس حملو ڪيو ويو، جنھن ۾ هو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو.
1962.05.05 عيسوي
سماجي ڪارڪن ۽ قومپرست شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر ڪمال راهمون، 5 مئي 1962ع تي ڳوٺ پنات، تعلقي ڇاڇري ۾ مولوي عبدالواحد راهمون جي گهر ۾ جنم ورتو.
1986.03.16 عيسوي
ڊاڪٽر ڪمال راهمون 16 مارچ 1986ع تي شاگرد ساٿين سان گڏ يونيورسٽيءَ جي ماحول جي بهتريءَ لاءِ پرچار ڪري رهيو هو ته ڊاڪٽر قادر مگسيءَ تي پنجابي اسٽوڊنٽس جي شاگردن حملو ڪيو، جنهن کي بچائيندي، ڪمال راهمون شهيد ٿي ويو.